Tuesday , April 23 2024

پرويز مشرف خلاف غداري ڪيس، خصوصي عدالتي بئنچ قائم

اسلام آباد( رپورٽر  سنڌسماءَچار) پرويز مشرف خلاف آئين ٽوڙڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ خصوصي عدالت قائم، لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ياور علي جي سربراهي ۾ 2 رڪني اسپيشل بينچ قائم، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج جسٽس نذر اڪبر بينچ ۾ شامل. اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف غداري ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ياور علي جي سربراهي ۾ 2 رڪني خاص بئينچ قائم ڪئي وئي آهي. اڳوڻي آمر پرويز مشرف خلاف غداري ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ياور علي کي خاص بينچ جو سربراهه مقرر ڪيو ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جسٽس نذر اڪبر خاص عدالت جو جج هوندو. صدر ممنون حسين پرويز مشرف خلاف نئين قائم ٿيل بينچ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ياد رهي ته 29 مارچ تي بينچ جي سربراهه جسٽس يحيٰ آفريدي پرويز مشرف جي وڪيلن جي اعتراض تي پاڻ بينچ کان ڌار ٿي ويو هو، جنهن سبب بينچ ٽٽي وئي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *