Saturday , April 20 2024

پرائمري استادن تي به پوليس جو بي رحماڻو تشدد، پوليس استادن کي روڊن تي گهليندي رهي، اهلڪار استادن کي گاريون ڏيندا رهيا

ڪراچي ( رپورٽ اصغر آزاد )  پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ جي راڄڌاني شهر ڪراچي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ پرائمري اسڪول ٽيچرس جي احتجاجي ريلي تي بي رحماڻو تشدد ڪري گذريل ڪجهه ڏينهن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. پرائمري اسڪول ٽيچرس ايسو سيئيشن / پ ٽ الف پاران مطلابن جي مڃتا لاءِ جڏهن ڪراچي پريس ڪلب کان وزيراعليٰ هائوس ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس سندن رستا روڪ ڪري ولا ڏئي مٿن ڇتي لٺبازي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪري کين رستن تي ڊڪائيندي رهي. پوليس استادن تي تشدد ڪرڻ دوران ڪيترن ئي استادن کي ٽنگو ٽالي ڪري پوليس موبائلن ۾ جانورن جيان اڇليدي گرفتار ڪيو. پوليس استادن کي ڪراچي جي رستن تي ڏوهارين جيان گهليندي رهي ۽ مٿن باٺن، لتن ۽ مڪن جو به وسڪارو جاري رکيو.

احتجاجي ريلي دوران پوليس اهلڪار سري عام استادن جي تذليل ڪندا رهيا ۽ کين گارگند به ڪندا رهيا، اهڙي ئي هڪ موقعي تي جڏهن پوليس اهلڪارن هڪ استاد کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش دوران کيس گاريون ڏيندا رهيا ته، هُن پنهنجي ٽوپي لاهي سندن پيرن تي رکي ته ”گاريون نه ڏيون الله کي مڃيون“، پر ان جي باوجود به پوليس اهلڪار نه مڙيا. ن موقعي تي ڪراچي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان لڳل استادن جي ڌرڻي تي پوليس ڪڙڪي پئي، پوليس لٺبازي ۽ شيلنگ بعد ڪيترن ئي استادن کي گرفتار ڪري ورتو، استادن پاران بلاول هائوس ڏانهن رخ ڪرڻ تي به پوليس لٺبازي ڪندي ڪيترن ئي استادن کي مارڪٽ ڪرڻ بعد حراست ۾ وٺي ڇڏيو. استادن پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاج بعد بلاول هائوس ڏانهن وڃڻ جو رخ ڪيو ته پوليس استادن مٿان ڪڙڪي پئي.پوليس سان چڪرين جي نتيجي ۾ ڪيترائي استاد زخمي ٿي پيا جنهن بعد پوليس بلاول هائوس ڏانهن ويندڙ 50 کان وڌيڪ استادن کي گرفتار ڪري ڪلفٽن ۽ صدر جي مختلف ٿاڻن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو. گرفتار ٿيل استادن ۾ پ ٽ الف جي مرڪزي صدر سميت ڪيترائي استاد  شامل آهن. استادن جو چوڻ آهي ته نوٽيس جاري ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو.

استادن تي لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلاڪ تائين پوليس لٺبازي ڪندي رهي، استادن کي پريس ڪلب ، عبدالله هارونن روڊ، زيبالنساءَ اسٽريٽ ۽ ڀرپاسي وارن رستن تي ڊڪائيندي رهي. پر سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اڍائي کان ٽن ڪلان کان پوءِ معاملي جي خبر پئجي سگهي. ان کائپوءِ وري صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال کي خبر پئي ته ڪو استادن تي پوليس تشدد ڪيوم آهي. ان سلسلي ۾ استاد اڳواڻن جو چوڻ آهي ته، خبر نه پوي ته سنڌ ۾ حڪومت ڪير پيو ڪري. استادن تي تشدد جي خبر گهرو وزير کي تقريبن 4 ڪلاڪن کانپوءِ پئي ۽ وڏي وزير کي 3 ڪلاڪن کانپوءِ. هنن چيو ته سندن احتجاج پرامن هو پر حڪومت هٿ وٺي ان کي وڳوڙي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر استاد پوءِ به پرامن رهيا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *