Saturday , April 20 2024

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ تي حڪومت ۽ اپوزيشن جو ڪانٽو اٽڪيل، ايوان ۾ هُل

سنڌ اسيمبلي: اپوزيشن ميمبر احتجاج ڪندي- سنڌسماءَچار فوٽو

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچاءَچار) سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ واري معاملي تي سنڌ حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ 8 مهينن کان جاري تڪرار نبرجي ناهي سگهيو، اپوزيشن ۽ حڪومت وچ ۾ ان معاملي تي ڪانٽو اٽڪيل آهي، سنڌ اسيمبلي جي جاري اجلاس دوران ٽئين ڏينهن به لاڳيتو احتجاج جاري رهيو. سنڌ اسيمبلي ۾ اڄ ٽئين ڏينهن به اپوزيشن ميمبرز کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ملڻ تي ايوان ۾ سخت گوڙ ڪيو ويو، اپوزيشن ميمبرز احتجاج ڪندي اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو جنهن سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻيل رهيو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جنهن ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي ٺهراءُ پيش ڪيو ويو. اجلاس دوران سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ايوان ۾ پهچي ڪارروائي هلائي ته اپوزيشن ميمبر خرم شير زمان پاران اسپيڪر کان صوبي جي مسئلن تي ڳالهائڻ جي اجازت گهري وئي. آغا سراج دراني پاران اجازت نه ڏيڻ تي اپوزيشن ميمبرز اسپيڪر جي ڊائس آڏو احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي.

سنڌاسيمبلي: مخالف ڌر جا ايم پي ايز اسيمبلي عمارت جي ڏاڪڻين تي احتجاج ڪري رهيا آهن – سنڌسماءَچار فوٽو

اپوزيشن ميمبرز جي احتجاج تي اسپيڪر آغا سراج دراني متحده ايم پي اي خواجا اظهار الحسن کي چيو ته اوهان جهڙو اپوزيشن ليڊر ڪير به نه هو، اوهان کي اهڙي ريت احتجاج نه ڪرڻ گهرجي، اسپيڪر جي واکاڻ تي خواجا اظهار احتجاج دوران مسڪرائيندو رهيو. خواجا اظهار الحسن چيو ته حڪومت کي ساڻن ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، سندن ڪم ئي مخالفت ڪرڻ آھي، اسان سامهون ويهي تاڙيون نه وڃائيندا سين. خواجا اظهارالحسن چيو ته پ پ جي حڪمراني واري طريقي ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي، اسيمبلي جا اجلاس ان طريقي سان هلائڻ سان خطرا ٽري نه ويندا. اپوزيشن ميمبرز جو چوڻ هو ته سنڌ جي عوام جي پئسي تي رحم ڪيو وڃي، اسيمبلي کي اوطاق نه بڻايو وڃي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته هو واضح ڪن ٿا ته اپوزيشن کي پي اي سي جي چيئرمين شپ نه ڏيندا، پي ٽي آءِ جي پاليسي اها آهي ته رڳو اپوزيشن جو احتساب ٿئي ۽ جيڪو پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿئي ته ان کي بخش ڪيو وڃي. سعيد غني چيو ته هو احتساب جا مخالف نه آهن، پر احتساب سڀني جو هڪجهڙو ٿيڻ گهرجي. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته غلطي سان حڪومتي پارٽي جو نالو تحريڪ انصاف پئجي ويو آهي، اهو تحريڪ انتقام هئڻ گهرجي. جنهن تي اسپيڪرآغا سراج دراني چيو ته هو جلد ڪيسز مان آجو ٿي مخالفن کي جواب ڏيندو. اجلاس  دوران اپوزيشن ميمبرز جي احتجاج ۽ نعريبازي کانپوءِ پيپلزپارٽي جي ميمبرن به ايوان ۾ گوڙ ڪيو جنهن بعد اپوزيشن ميمبر ايجندا جون ڪاپيون ڦاڙي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي غزالا سيال پاران ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته ٻڌايو وڃي ته جنگ جي خطري واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪهڙا اپاءُ ڪيا ويا آهن. امتياز شيخ چيو ته جنگ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت سمورا اپاءُ ڪيا هئا، سنڌ جي مختلف اسپتالن ۾ ايمرجنسي جو بندوبست ڪيو ويو هو.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *