Saturday , April 20 2024

پاڻي کوٽ 77 سيڪڙو ٿي وئي، فصل تباهه ٿيڻ لڳا، ڪيترن ئي علائقن ۾ جَرَ جو پاڻي به کارو

سکر/حيدر آباد/فيض گنج ( رپورٽرز   سنڌ سماءَ چار) سنڌ ۾ پاڻي کوٽ مجموعي طور 77 سيڪڙو تائين پهچي وئي، آبپاشي کاتي موجب گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 45 هزار 844 ڪيوسڪ،هيٺانهون وهڪرو 38 هزار 244 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، پاڻي جي کوٽ سبب فصل تباهه ٿي رهيا آهن. عملدارن چيو ته سکر بئراج وٽ  مٿانهون وهڪرو 35 هزار 175 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 11 هزار 400 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

آبپاشي عملدارن چيو ته رائيس ڪئنال ۾ هڪ هزار، دادو ڪئنال ۾ 1675 ڪيوسڪ، روهڙي ڪئنال ۾ 8 هزار 600 ڪيوسڪ، نارا ڪئنال ۾ 8 هزار 600 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو ويو آهي.  عملدارن چيو ته اولڊ ڦليلي کي 1370 ڪيوسڪ ۽ نيو ڦليلي کي 1885 ڪيوسڪ، خيرپور اوڀر 1180 ڪيوسڪ ۽ خيرپور اولهه ۾ 920 ڪيوسڪ ڇڏيو ويو آهي. تربيلا جي ليول 1389 ڏهائي 52 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.

پاڻي جي کوٽ جي نتيجي سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ جَرَ جي پاڻي جي سطح به تگمام گهڻي هيٺ لهي وئي آهي،. دريائي پاڻي جي کوٽ جا اثر وڌڻ جي نتيجي ۾ خيرپور، ڪنڌڪوٽ، گهنوٽڪي ض:عي جي صالح پٽ، سبحان پور، سيرائي، وَس ۽ سنگرار جي ڪيترن ئي علائقن ۾ به پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. خيرپور جي فيض گنج، ۽ ناري تعلقي جي پُڇڙي وارن علائقن ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ سان گڏ ڪيترن ئي علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي به اڻاٺ پيدا ٿي وئي آهي. ٻنهي تعلقن جي اڪثر علائقن ۾ جَرَ جو پاڻي به کارو ۽ ان ۾ سنکيو هجڻ ڪري ڪاري ڪامڻ جو به مرض وڌي ويو آهي.

ٻي طرف پاڻي جي کوٽ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آبادگارن، هارين ۽ سول سوسائٽي جي مختلف تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرن جو ب ه سلسلو جاري آهي. ٽنڊو الهيار، چمبڙ، مسڻ وڏي، سانگهڙ، فيض گنج، بدين، ميرپور بٺورو، ساڪرو، ٺٽي ضلعي جي مختلف شهرن، دادو ۽ لاڙڪاڻو سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. سکر شهر جي مختلف علائقن جي  پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف احٽجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *