Friday , March 29 2024

پاڻيءَ تي ڌاڙو نامنظور – مظهر علي خاصخيلي

پاڻيءَ تي ڌاڙو نامنظور     –     مظهر علي خاصخيلي

 

سنڌ اسيمبلي ۾ پاڻي جي معاملي تي سنڌ مان چونڊيل سمورين سياسي پارٽين جا ميمبر حڪومت جماعت پ پ سميت مخالف ڌروارن جماعتن ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ ف جي چونڊيل نمائدن سنڌو درياءَ مٿان پنجاب پاران لڳندڙ ڌاڙي کي هڪ دفعو ٻيهر نامنظور ڪندي پنهنجن تقريرن ۾ چيو آهي ته پنجاب جيڪڏهن پاڻي جي معاملي ۾ سنڌ سان بدمعاشي بند نٿو ڪري ته سنڌ جي گيس جيڪا پنجاب سالن کان کڻي رهيو آهي ان کي بند ڪيو وڃي هي لفظ سنڌ جي ڪنهن قوم پرست پارٽي جي ليڊر جا ڪارڪن جي تقرير جا ناهن جن جي لاءِ گهڻي ڀاڱي پنهنجي پريس ڪانفرنسن ۾ مسلم ليگ ن جا وفاقي وزير ۽ چونڊيل نمائندا چوندا آهن ته اهي هڪ سيٽ به نٿا کڻي سگهن هي لفظ اندر سنڌ اسيمبلي جي ايوان اندر سنڌ مان چونڊيل انهن نمائندن جا آهن جن جي اسيمبلي مان سڀ کان پهريون پاڪستان جي ٺهڻ واري قراداد پاس ٿي هئي اڄ ان ساڳي اسيمبلي جا ميمبر پنجاب جي مٿان پاڻي کڻڻ ۽ ناڻي جي ڦرلٽ ڪرڻ جو صرف الزام نٿا هڻڻ پر اهو مطالبو ٿا ڪن ته هاڻي گهڻو ڪجهه ٿيو.

جيڪڏهن پنجاب پيار ۽ قرب جي ٻولي نٿو سمجهي ۽ سنڌ کي پنهنجي حصي جو صحي پاڻي نٿو ڏئي ته هاڻي پنجاب جي ان بدمعاشي کي روڪڻ جي لاءِ سنڌ وٽ اهو حل بچيو آهي ته پنجاب ڏانهن ويندڙ گيس کي بند ڪري ڇڏي هي ڪا ٿوري ۽ ننڍي ڳالهه ناهي جو هڪ صوبي جي عوام کي نڙيءَ تي ننهن رکي ايترو مجبور ڪيو ويو آهي جو هاڻي ان صوبي مان چونڊجي آيل انهن اسيمبلي جي ميمبرن وٽ اهڙا لفظ چوڻ کان سواءِ پيو رستو ناهي بچيو ان جو وڏي ۾ وڏو سبب اهو آهي ته جن ماڻهن انهن چونڊيل نمائدن کي ووٽ ڏئي ان ايوان ۾ پهچايو آهي هاڻي انهن ماڻهن جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي الائي ڇو پنجاب جي انهن چونڊيل نمائدن ۽ اسٽيبلشمينٽ کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته جيڪا سنڌ صدين کان وٺي آباد آهي ۽ هن ملڪ جو حصو آهي ۽ هڪ اهڙو صوبو جيڪو سڄي ملڪ هلائي رهيو آهي ان صوبي جي رهواسين کي هٿ سان مارڻ واري جيڪا ڪوشش ڪئي ٿي وڃي اها ڪهڙي ملڪ کان سڄڻائپ واري نشاني آهي پاڻي ماڻهو جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي. جيڪڏهن پاڻي نه هوندو ته ماڻهو جي نه سگهندو ۽ سنڌجا رهواسي به اها ڳالهه ڪري رهيا آهن ته اسان جو پاڻي بند ڪري اسان کي مارڻ جي ڪوشش ڇوٿا ڪيو جيڪا ڳالهه پنجاب جي انهن چونڊيل نمائندن ۽ اسٽيبلشمينٽ کي الائي ڇو سمجهه ۾ نٿي اچي جيڪڏهن سمونڊ ۾ مٺو پاڻي نه ڇڏيو ويندو ته اها قدرتي ڳالهه آهي مجبور ٿي سمونڊ جو کارو پاڻي مٿي چڙهي ايندو ۽ ان سان تباهي ٿيندي جيڪي ڪجهه سالن اندر سنڌ ۾ ٿي رهي آهي.

سڄي دنيا اندر جتي به سمونڊ جي پٽي تمام گهڻي هوندي آهي ان ڌرتي کي دنيا جا سمورا ملڪ خوش قسمت سمجهن ٿا ۽ اها خوش قسمت ڌرتي دنيا جي سمورن ڌرتين کان سنڌ وڌيڪ آهي جنهن وٽ لکين ڪلوميٽرن جي پنهنجي سامونڊي پٽي آهي پر وري به ڏک ۽ تڪليف واري ڳالهه اها آهي ته جنهن ڌرتي وٽ لکين ڪلوميٽر واري سامونڊي پٽي آهي ان ڌرتي جي ان سامونڊي پٽي سان ڇا حالت ڪئي وئي آهي اڄ عالمي سروي موجب سنڌ جي سامونڊي پٽي سان ڪجهه سالن اندر 22 لک زمين کي سمونڊ جو کارو پاڻي پنهنجي وڪڙ ۾ وٺي چڪو آهي ۽ کربين رپين جو سنڌ کي نقصان رسايو ويو آهي هي نقصان ڇا هن ملڪ جو نقصان ناهي آخر سنڌ ۽ ان جي رهواسين اهڙو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو هنن کي اهڙي سزاڏني ٿي وڃي. ڪجهه ڏينهن پهريان مسلم ليگ ن جي وفاقي حڪومت پنجاب جي اٽڪ واري علائقي ۾ سنڌو درياءَ جو پاڻي ڏاڍ جي بنياد تي کڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ 7 اي ايم ايف پاڻي ذخيري جي گنجائش رکندڙ ماضي ۾ تڪراري بڻيل اکوڙي ڊيم منصوبي جي فزيبلٽي اڀياس جي باضابطه منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

اهڙي منظوري رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت ۾ سينٽرل ورڪنگ ڊولپمينٽ پارٽي (سي ٽي ڊبليو پي) جي اجلاس ۾ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جنهن تي مجموعي طور 10 ارب 7 ڪروڙ 80 رپين جي لاڳت ڪئي ويندي. ان حوالي سان وفاقي وزير احسن اقبال جو جيڪو ميڊيا تي موقف سامهون آيو آهي ان موقف ۾ هن ڄاڻايو آهي ته اکوڙي ڊيم خلاف سنڌ سميت ڪنهن ڌر پاران اعتراض نه ڪرڻ جي دعويٰ سان گڏ ڊيم سائيٽ هارو درياءَ تي پنجاب جي اٽڪ واري علائقي ۾ هئڻ جو اعتراف ڪيو آهي ان حوالي سان اهي به ڳالهيون سامهون آيو آهن ته هن ڊيم ۾ 7 ملين فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش هوندي جنهن کي ترٻيلا ڊيم مان سنڌو درياءَ جو پاڻي کڻي ڀريو ويندو جنهن اندر گهٽ ۾ گهٽ 76 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ جي گنجائش هوندي هن ئي اکوڙا ڊيم منصوبي کي ماضي ۾ ارسا جي چيئرمين انجنيئر فتح محمد ان باوجود هن ڊيم جي ٺاهڻ جو اعلان ڪرڻ جو مقصد ڇا آهي.

آخر پنجاب ۽ ان جي اسٽيبلشمينٽ ڪرڻ ڇا ٿي چاهي ڇا هن جڙيل ملڪ اندر 1940ع جي قرارداد تحت شامل ٿيل ٻيا صوبا جن هن ملڪ کي جوڙائڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪردار ادا ڪيو اڄ ان صوبن ۽ ان جي رهواسين کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي جنهن تحت اهو ئي سبب آهي ته خيبرپختون خواهه، بلوچستان سنڌ جون صرف قومپرست ڌريون نه پر هاڻي ته صوبن جا وزيراعليٰ ۽ وزير به بار بار ميڊيا آڏو اهي دانهون ڪندي چوڻ ۾ نه ٿا مڙن ته ننڍن صوبن جي حقن مٿان جنهن انداز ۽ نموني سان پنجاب پنهنجي بالادستي مڙهي ڌاڙا هڻڻ وارو عمل ورجائي رهيو آهي ان عمل سان ڏينهون ڏينهن هن ملڪ جون پاڙون ڪمزور ٿينديون پيون وڃن. سالن کان وٺي سنڌ جا ماڻهو پنجاب جي پاران بار بار جڙندڙ ڊيمن خلاف روڊن رستن تي احتجاج ڪرڻ سان گڏ ڌرڻا هڻي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا رهيا آهن ته هنن کي هٿ سان پاڻي بند ڪري هنن جي آباد لکين ايڪڙ زمين کي غيرآباد بڻائڻ واري پنجاب جي پاليسي کين ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي ڇا سنڌ جي آباد زمينن کي بنجر بڻائي پنجاب جي بنجر زمينن کي آباد بڻائڻ ڪٿان جي ڏاهپ واري نشاني آهي اڄ هڪ دفعو وري ٻيهر سنڌي ماڻهن جي پراڻن ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ واري روايت ورجائيندي ان تڪراري بڻيل اکوڙي ڊيم کي تعمير ڪرڻ لاءِ رقم رکي وئي آهي ۽ ان جي فزيبلٽي رپورٽ تيار ڪري پاس ڪرائڻ کان پوءِ اڳتي موڪلي وئي آهي. اصل ۾ جڏهن هن ملڪ جو وزيراعظم ذوالفقار ڀٽو هيو ان وقت چشما جهلم لنڪ ڪئنال جي جيڪا فزيبلٽي رپورٽ پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ جي انهن پنهنجو پاڻ کي ذهين سمجهندڙ ڪامورن تيار ڪري ان وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کان صحيح ڪرائي هئي ان چشما جهلم لنڪ ڪئنال جي فزيبلٽي رپورٽ ۾ واضح اها ڳالهه ڄاڻائي وئي هئي ته پنجاب چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۾ سنڌوءَ مان پاڻي صرف ان وقت کڻندو جڏهن سنڌو درياءَ ۾ ٻوڏ واري صورتحال هوندي ان وقت سنڌ جي ماڻهن کي ٻوڏ جي خطري کان بچائڻ لاءِ چشما جهلم لنڪ ڪئنال وسيلي سنڌوءَ مان پاڻي کنيو ويندو. پر اڳتي هلي اسان جي وڏي صوبي ان فزيبلٽي رپورٽ جي ابتڙ اهو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو ته جنهن وقت سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي کوٽ هوندي آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو پاڻي نه ملڻ ڪري احتجاج ڪندا آهن.

ان وقت ڏاڍ ۽ منڍ ۾ هجڻ جو غلط فائدو وٺندي چشما جهلم لنڪ ڪئنال کولي ان کي ڀريو ويندو آهي ان کان به وڌيڪ تعجب ۽ ڏک جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي وفاق جي ناءُ تي قائم حڪومتن ان چشما جهلم لنڪ ڪئنال مٿان غير قانوني بجلي گهر تعمير ڪرايو آهي جنهن سان اهو بانور ڪرايو ٿو وڃي ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ مان پاڻي کنيو وڃي ٿو پر حقيقت وري ان جي ابتڙ اها آهي ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال مان ڪيترائي نوان واهه ڪڍرائي پنجاب جي ريگستان واري غير آباد زمينن کي آباد ڪرايو ويو آهي جنهن سبب ڪري هاڻي جيڪا تازو رپورٽ منظر عام تي زراعت جي حساب سان آئي آهي ان ۾ پڻ اهي انگ اکر ڄاڻايا ويا آهن ته پنجاب صوبي اندر زراعت ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ٿي رهي آهي ۽ سنڌ ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ گهٽ زراعت لهڻ جا انگ اکر سامهون آيا آهن. هي هڪ اهڙي حقيقت آهي جيڪا اڄ به سامهون پڌري پٽ ظاهر لڳي پئي آهي ڇو ته جنهن نموني سان پنجاب جي حڪمرانن ماضي ۾ چشما جهلم لنڪ ڪئنال تعمير ڪرائڻ کان اڳ جيڪي واعدا قول سنڌ جي عوام سان ڪيا هئا ان مان هڪ تي به قائم نه رهي پنجاب ۽ ان جي حڪمران سياسي جماعتن سنڌي ماڻهن جو پاڻ مٿان اعتماد ۽ ڀروسو رکڻ وارو حق وڃائي ڇڏيو آهي. ان جي ڪري هاڻي وري هڪ دفعو ٻيهر جڏهن ڏاڍ جي بنياد تي اکوڙي ڊيم تعمير ڪرائڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته ان تي به سنڌ جي هر فرد کي ڪيترائي اعتراض آهن ڇو ته هي ڊيم جنهن نموني سان اٽڪ واري علائقي ۾ تعمير ڪرايو وڃي ٿو ان مان به جيڪي درياهه يا شاخون ڪڍيون وينديون اهي ان بنياد تي نڪرنديون جيئن پنجاب اندر باقي بچيل غير آباد زمينون آباد ڪرايون وڃن.

هي ڪٿان جو انصاف آهي ته پاڻي جي حوالي سان سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جيڪا ڪجهه سال اڳ لشڪر رئيساڻي جي اڳواڻي ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ رپورٽ تيار ڪري ڏني هئي ان ۾ اهو ڏيکاريو ويو هو ته روزانو سمنڊ سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين پائيندو اچي ٿو جيڪڏهن ڪوٽڙي کان هيٺ سنڌو درياءَ ۾ پاڻي نه ڇڏيو ويو ته سمنڊ جون کهري پاڻي جون لهرون سنڌ جي آباد زمينن کي بنجر بڻائي ڇڏينديون ۽ ان حوالي سان جيڪي انگ اکر سامهون آيا آهن انهن موجب ڏينهون ڏينهن تيزي سان ٺٽو، بدين واري سامونڊي پٽيءَ جي علائقن ۾ سمنڊ تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ دنيا جا اهي ملڪ ۽ صوبا خوشحال ليکيا ويندا آهن جن وٽ سمنڊ جي پٽي هزارين ميلن تائين پکڙيل هوندي آهي سنڌ ڌرتي به اهڙو خطو آهي جنهن وٽ سمنڊ جي پٽيءَ واري پکيڙ هزارن ميلن تائين ڏسي ۽ ٻڌائي وڃي ٿي پر جنهن انداز سان سنڌ کي پاڻي جي حوالي سان تباهه ۽ برباد ڪرڻ جي سازش ڪئي ٿي وڃي ان سازش کي جيڪڏهن هاڻي به سنڌ جي ماڻهن سجاڳ ٿي منهن نه ڏنو ته پوءِ اهي سمنڊ جون کهري پاڻي واريون لهرون سنڌ جي مٺي پاڻي کي پوئتي ڌڪينديون اينديون ۽ سڄي سنڌ جو جر پيئڻ لائق نه هوندو ۽ پوءِ جر جو پاڻي به ٽيوب ويلن، کوهن وسيلي ٻاهر ڪڍي فصل ۾ استعمال ڪرڻ جي به قابل نه هوندو. سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبرن جي ڪيل تقريرن تي عمل ڪندي هڪ دفعو پنجاب ڏانهن ويندڙ سنڌ جي گيس بند ڪن باقي صرف ڳالهيون ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو سمونڊ سنڌ جي زمين ڳڙڪائيندو ٿو وڃي ۽ پنجاب جي سياستدانن ۽ اسٽيبلشمينٽ جو زور آهي ته ڊيم ٺاهي ڪنهن به طريقي سان سنڌ جو پاڻي روڪي بجلي ٺاهي ڪارخانا هلائجن پوءِ ڇون سنڌ جي اسيمبلي مان اهي نعرا لڳن ته پاڻي تي ڌاڙو نامنظو پاڻي تي ڌاڙو نامنظو.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *