Friday , April 19 2024

پاڪ-آمريڪا لاڳاپا سڌارڻ لاءِ ڪوششون تيز

ڪراچي ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ ) امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي  پاڪستان بابت ٽويٽ کانپوءِ ٻنهي ملڪن ۾ پيدا ٿيل ويڇا ۽ تيز ٿيو ڇڪتاڻ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ آمريڪا پاران لڪيل ڪوششون شورع ڪري ڏنيو آهن. ميڊيا رپورٽس مطابق آمريڪا پاران پاڪستان کي پرچائڻ جون ڪوششون تيز ڪندي آمريڪي اختياريون ڳجهي نموني پاڪستان جو دورو ڪري رهيون آهن. ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ آهي جڏهن ته آمريڪي طرفان پاڪستان کي اتحادي سپورٽ فنڊ ۾ امداد به روڪي وئي آهي. ٻنهي ملڪن ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ آمريڪا ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. آمريڪي وقتي پرڏيهي وزير ايليس ويلز اسلام آباد پهچي پرڏيهي سيڪريٽري تهمينا جنجوعا سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پاڪ آمريڪا سهڪار تي ڳالهيون ڪيون ويون جڏهن ته آمريڪا مان ايندڙ بيانن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل موجب آگسٽ کان هن وقت تائين وقتي آمريڪي مددگار پرڏيهي وزير جو اهو ٽيون دورو آهي. ذريعن موجب آمريڪي وقتي مددگار پرڏيهي وزير جي دوري بابت جڏهن آمريڪي سفارتخاني کان پڇا ڪئي وئي ته هنن سڪيورٽي بنياد تي ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو پر ذريعن موجب ايليس ويلز جو دورو هڪ کان ٻن ڏينهن جو آهي جنهن ۾ هوءَ پاڪستان جي اعليٰ اختيارين سان ملاقات ڪندي.  ذريعن موجب پهرين جنوري کان هن وقت تائين ڪيترائي آمريڪي وفد پاڪستان جو ڳجهو دورو ڪري چڪا آهن جنهن ۾ ڌرين هڪ ٻي کي پنهنجا مطالبا پيش ڪيا. ذريعن موجب پاڪستان جو مطالبو آهي ته افغان ڌرتي کي پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪيو وڃي. پاڪستان موقف اختيار ڪيو ته افغان مهاجرن جي عزت سان واپسي ممڪن بڻائي وڃي ۽ پاڪستان جي قربانين کي قبول ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *