Friday , March 29 2024

پاڪستان ۾ 10 ڪروڙ42لک67581 ووٽر رجسٽر ٿي ويا، درستگي وارو عمل جاري

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌسماءَچار)  پاڪستان ۾ 2013 کانپوءِ جاري ڪيل نون سڃاڻپ ڪارڊن جي بنياد تي داخل ڪرايل ووٽرز جا انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن، سڄي ملڪ ۾ رجسٽر ٿيل ووٽر جو انگ 10 ڪروڙ 42 لک 67 هزار 581 تائين پهچي ويو آهي، جن مان سنڌ ۾ 2 ڪروڙ 50 لک 66 هزار 558 ووٽرز رجسٽرڊ ٿيل آهن، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته انهن انگن اکرن جي تصديق لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڊسپلي سينٽرز قائم ڪيا ويا آهن.

اليڪشن ڪميشن پاران 2018 جي عام چونڊن لاءِ شورعاتي ووٽر لسٽ جاري ڪئي وئي آهي جنهن تحت سنڌ ۾ هڪ ڪروڙ، 22 لک 75 هزار 322 مرد ۽ 97 لک 91 هزار 236 عورت ووٽرز کي رجسٽرڊ ڪيو ويو.

اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل بيان ۾ پنجاب ۾ 3 ڪروڙ، 32 لک 94 هزار 12 مرد ۽ 2 ڪروڙ، 64 لک 46 هزار 83 عورتن کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جو حق ڏنو ويو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڪي پي ۾ 86 لک 90 هزار 376 مرد ووٽرز ۽ 65 لک 49 هزار195 عورت ووٽرز کي رجسٽرڊ ڪيو ويو.  انگن اکرن موجب موجب بلوچستان مان 24 لک 28 هزار370 مرد ۽ 17 لک 65 هزار 941 عورتون ووٽ ڪاسٽ ڪري سگهنديون. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ملڪ مان مجموعي طور 10 ڪروڙ 42 لک 67 هزار 581  ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهندا. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته جاري ڪيل انگ اکرن ۾ ڦير ڦار به ڪري سگهجي ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *