Thursday , April 18 2024

پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ جو دنگل، ٻئي ٽيمون آمهون سامهون

cricket

چيپمپئنز ٽرافي جي دنگل ۾ روايتي طور هڪٻئي جا مخالف پاڪستان ۽ ڀارت  مڪمل تياري سان هڪ ٻئي جي آمهون سامهون. چيمپئنز ٽرافي جي فائنل ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ شروع ٿيڻ ۾ ته اڃا کوڙ سارا ڪلاڪ آهين پر ڪرڪيٽ جي ديوانن کان انتظر نه ٿو پڄي، سو انتظآر ويٺا ڪن.

پاڪ ڀارت جون ٽيمون اوول ڪرڪيٽ گرائونڊ تي پاڪستاني وقت مطابق منجهند اڍائي وڳي مهاڏو اٽڪائينديون. ميچ جي تياري لاءِ ڪالهه پاڪستاني ٽيم سخت پريڪٽس سيشن ڪيو ۽ ميچ جي حڪمت عملي تي پڻ صلاح مشورا ڪيا، قومي رانديگر به ڀارت کي شڪست ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن، ڪوچز رانديگرن کي مختلف شين تي ليڪچر پڻ ڏنا. گذريل ميچ ۾ ڀارت کان مليل شڪست جي ڪارڻ تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو. پاڪستاني ٽيم پهريون ڀيرو فائنل ۾ پهتي آهي، جڏهن ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چيمپئنز ٽرافي کٽڻ جو کيس سنهري موقعو آهي، ميچ جون سموريون ٽڪيٽون وڪرو ٿي ويون آهن، جڏهن ته فائنل ۾ مختلف ملڪن جا سربراهه، بورڊ عهديدار توڙي ڪرڪيٽ ليجنڊ شرڪت ڪندا.

 تياري مڪمل آهي، ڀارت کي شڪست ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: سرفرز

cricket2

پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته چيمپئنز ٽرافي جي فائنل ۾ ڀارت کي شڪست ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. قومي ٽيم ڀارت کي هارائڻ لاءِ ڀرپور تياريون ڪري پئي، هن چيو ته پاڪستان کي ڪير به فيوريٽ قرار نه ڏئي رهيو هو پر اسان راند جي هر شعبي ۾ بهترين راند پيش ڪئي، اميد آهي ته ڀارت خلاف به بهترين ڪارڪردگي ڏيکارينداسين، محمد عامر جي جاءِ تي ٽيم ۾ شامل ڪيل رومان رئيس به تمام سٺو بالر آهي، سندس شموليت سان فاسٽ بالنگ جو شعبو مضبوط ٿي ويو، عامر جي انجري وڌيڪ خطرناڪ ناهي، اميد آهي ته هو فائنل ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندو.

ڀارت کان کٽي وينداسين، رڳو قوم دعا ڪري: حسن علي

اوول: پاڪستاني ڪرڪيٽر حسن علي چيو آهي ته پاڪستاني ماڻهن طرفان تمام گهڻو پيار ملي رهيو آهي، جنهن تي سندن ٿورائتو آهيان، اسان جو فائنل ڀارت سان ٿي رهيو آهي، منهنجي سڀني کي درخواست آهي ته اسان لاءِ دعا ڪيو ته جيئن اسان کٽي وڃون، فائنل کٽڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪنداسين، فائنل کٽي ٽرافي سان گڏ پاڪستان اينداسين.

About Asghar Azad

Check Also

ميلبرن:پاڪستان خلاف ٻين ون ڊي ۾ آسٽريليا پاڪستان کي کٽڻ جي لاءِ 221 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو

ميلبرن: ڪينگروز ٽيم شروعات ۾ ئي ڏکيائين جو شڪار رهي، ميلبرن ۾ پاڪستان خلاف ٽاس …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *