Tuesday , March 19 2024

پاڪستان کي بنگلاديش شڪست ڏئي ڇڏي، ايشيا ڪپ مان آئوٽ

ابوظهبي( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي ۾ بنگلاديش پاڪستان کي 38 رنز تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو آهي، بنگلاديش پهريان بيٽنگ ڪندي پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 240 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو جيڪو پاڪستاني ٽيم 50 اوورز ۾ حاصل نه ڪري سگهي. پاڪستاني ٽيم مقرر اوورز ۾ رڳو 202 رنز ٺاهي سگهي. پاڪستاني ٽيم جي رانديگر امام الحق 105 بالن تي 83 رنز ٺاهيون جڏهن ته ٻيا رانديگر پچ تي بيهي نه سگهيا. آصف علي 31 ۽ شعيب مل 30 رنز ٺاهيون. بنگلاديش جي تيم بيٽنگ ڪندي 48 هين اوور جي پنجين بال تي 239 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. بنگلاديشي ٽيم جي مشفيق الرحيم ۽ محمد مٿن گڏيل ڀائيواري واري بيٽنگ دوران 158 رنز ٺاهي ٽيمجو مورال بلند ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

ميلبرن:ٽين ون ڊي ۾ پاڪستان آسٽريليا کي شڪست ڏئي ڇڏي

ٽن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻين ۽ اهم ميچ ۾پاڪستاني بالزر جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *