Friday , April 19 2024

پاڪستان کي بنانا ريپبلڪن بڻائڻ جي سازشن کي روڪڻو پونمدو: چوڌري نثار

ٽيڪسلا (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊديسڪ) اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته ملڪ کي بنانا ريپبلڪن کان بچائڻ لاءِ ڌرڻن جو باب ختم ڪرڻو پوندو. ٽيڪسلا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري نثار چيو ته ڌرڻن جو باب بند ڪرڻ فوج سميت سمورن ادارن جي ذميواري آهي، هن چيو ته جيڪڏهن ڌرڻن کي نه روڪيو ويو ته هتي رڳو جٿن جي حڪومت هوندي ۽ ڪو به طاقتور اسلام آباد تي قبضو ڪري وٺندو ۽ پنهنجي ڳالهه مڃرائي وٺندو، ائين هڪ مهذب ۽ جمهوري ملڪ ۾ ناهي ٿيندو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت مدو پورو ڪندي يا نه، اهو حڪومت کان پڇو، آئون حڪومت ۾ نه آهيان، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چوڌري نثار چيو ته منهنجي گهر جون ديوارون 18 فوٽ اوچيون آهن، اندر جي گولي ٻاهر نٿي وڃي سگهي، آپريشن واري ڏينهن منهنجو ڪو به گارڊ گهر کان ٻاهر نه هو، جيڪڏهن ڪو فائر ٿيو آهي ته اهو ديوار کي لڳي سگهي ٿو، باقي گهر کان ٻاهر ڇا ٿي رهيو آهي، ان بابت صوبائي ۽ وفاقي حڪومت ئي ڄاڻي ٿي، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چوڌري نثار چيو ته مون کي فوج سان ڪو مسئلو نه آهي، نه وري ڪو عهدو وٺڻو آهي، هروڀرو فوج کي ٽارگيٽ نه ڪرڻ کپي، هن چيو ته ادارن کي ٽڪراءُ نه ڪرڻ کپي، هن چيو ته عدالت ۾ منهنجو نه پر نواز شريف جو ڪيس آهي، جيڪڏهن هڪ بينچ پاران ناانصافي ٿي آهي ته سڄي عدليا کي ٽارگيٽ نه بڻائڻ گهرجي، نواز شريف کي مشورو ڏنو هو ته فوج کي تنقيد جو نشانو نه بڻايو وڃي، ڇاڪاڻ ته ان سان ايندڙ چونڊن ۾ پارٽي کي نقصان ٿيندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *