Friday , March 29 2024

پاڪستان جي سياست موروثيت مان نه نڪتي، شهبازشريف مستقل ۽ شاهدخاقان عباسي 55 ڏينهن لاءِ وزيراعظم نامزد

Shahid khaqan abbasi and shahbaz

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پاران نااهل ٿيل اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف مستقل وزيراعظم لاءِ پنهنجي ڀاءُ ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف ۽ عارضي  طور شاهدخاقان عباسي وزيراعظم جي عهدي لاءِ نامزد ڪري ڇڏيو آهي. نوازشريف چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪري رهيا آهيون پر خدا جو شڪر آهي جو مونکي ڪرپشن نه پر پٽ جي ڪمپني مان پگهار نه وٺڻ تي نااهل ڪيو ويو آهي.

اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف پاڪستان مسلم ليگ جي پنجاب هائوس ۾ ٿيل هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ مختلف معاملن سان گڏ نئين عارضي ۽ مستقل وزيراعظم جي نالن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي پناما ڪيس تي آيل فيصلي جو به تفصيلي جائزو ورتو ويو.

ن ليگ جي اجلاس کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ جي اڳوڻي سربراهه ميان نواز شريف سياسي طور تي به نااهل هجڻ باوجود پارٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري سمورن مامرن جي منظوري ڏني.اجلاس کانپوءِ ميڊيا بريفنگ دوران نواز شريف پهريان مستقل وزيراعظم جي نالي جو اعلان ڪيو. نواز شريف پنهنجي ڀاءُ ۽ پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف کي ملڪ جي مستقل وزيراعظم جي عهدي لاءِ نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن بعد هن اڳوڻي وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي کي عارضي وقت / تقريبن ٻن مهينن لاءِ وزيراعظم نامزد ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *