Friday , April 19 2024

پاڪستان افغان طالبان جي نائب امير ملاعبدالغني بردار ۽ عبدالصمد ثاني کي آزاد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) پاڪستان پاران، ڪراچي مان 8 سال اڳ سيڪيورٽي فورسز هٿان گرفتار ڪيل افغان طالبان جي نائب امير مُلا عبدالغني بردار ۽ سندس ساٿي مُلا عبدالصمد ثاني کي آزاد ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽس مطابق ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ترجمان پاران ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي ته، عبدالغني بردار ۽ عبدالصمد کي افغانستان ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ افغان-امريڪا مفاهمتي پاليسي تحت آزاد ڪيو ويو آهي، جيئن مفاهمتي پاليسين کي هٿي ملي سگهي ۽ امن امان قائم ڪيو وڃي. ان ئي سلسلي ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته، افغان طالبان ان ڳالهه جو شرط رکو هو ته، مفاهمتي عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ملاعبدالغني بردار ۽ ملا عبدالصمد ثاني کي آزاد ڪيو وڃي، جيئن افغانستان ۾ امريڪي مفاهمتي عمل وڌائي سگهجي. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته، ڪجهه ڏينهن اڳ افغان معاملن بابت امريڪي نمائندو زلمي خليل زاد پاڪستان آيو هو، جنهن انهن ٻنهي ڄڻن جي آزادي لاءِ اختيارين سان ڳالهيون ڪيون هيون ۽ سندن آزادي ۾ زلمي خليل زاد جي درخواست کي نظر ۾ رکيو ويو.

افغان طالبان جي نائب امير ملاغني بردار ۽ ملا صمد ثاني کي 8 سال اڳ ڪراچي ۾ هڪ آپريشن دوران گرفتار ڪيو ويو هو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *