Friday , March 29 2024

پاڪستان ائٽمي طاقت آهي،جنگ لاءِ تيار آهيون:ترجمان پاڪ فوج ميجر جنرل آصف غفور

راولپنڊي (سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفورچيو آهي ته، پاڪستان ايٽمي طاقت آهي ۽ جنگ لاءِ تيار آهيون، پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور ڀارتي فوج جي آرمي چيف جي ڌمڪين جو جواب ڏيندي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته، پاڪستان ڪاميابيءَ سان دهشتگردي جو مقابلو ڪيو ۽ مثبت نتيجا حاصل ڪيا آهن. ڀارتي آرمي چيف کي امن امان جي صورتحال کي خراب نه ڪرڻ گهرجي، پاڪستان هڪ ائٽمي ملڪ آهي ۽ اسان امن پسندي سان اڳتي وڌڻ جا خواهشمند آهيون. ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو آهي ته، پاڪستان جي امن واري خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ آهي ته، پاڪستان جي اڄ به اها ئي آڇ آهي ته اچو ڳالهيون ڪيو. اسان جي صبر جو امتحان نه ورتو وڃي امتحان ورتو ويو ته، ڀرپور جواب ڏينداسين. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو ماضي جو حوالو ڏيندي چيو ته، ڀارت ڪجهه عرصو اڳ ڀارت سرجيڪ اسٽرائيڪ جو جو ڊرسامو رچايو هو، جيڪو ب ه سڄي دنيا جي سامهون اچي ويو هو. ڀارتي فوج تان جي ملڪي سياست ۾ گهيريل آهي ۽ ڀارتي حڪومت تي ڪرپشن جي الزامن جا به چئوٻول آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *