Friday , April 19 2024

پاناما ڪيس جي فيصلي جو انتظار۽ سياسي هلچل _ مسلم ميراڻي

Muslimمسلم ميراڻي

پوري ملڪ ۽ اسلام آباد ۾ بدلجندڙ صورتحال تي تجزيه  ۽ ايس ايم ايس شروع ٿي ويا آهن ته تبديلي اچڻ واري آهي لڳي ايئن ٿو ته اهي تبديلي جا ايس ايم ايس ملائڪ موڪلي رهيا آهن ته حڪومت وڏي پريشان آهي ۽ پاناما ڪيس جي فيصلي کان پهريان وزيراعظم نواز شريف ملڪ کان ٻاهر وڃڻ وارو ۽ نئي وزير اعظم جي لاءِ مريم نواز کي تيار ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف پاناما جي فيصلي جو سڀني  پارٽين کي انتظار آهي ۽ ان جو اندازو سياسي پارٽين جي بيان بازي ۽ اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين صدر آصف علي زرداري جي خطاب، بيانن ۽ انٽرويوز مان  لڳائي سگھجي ٿو ته پيپلز پارٽيءَ کي به پانامه جي فيصلي جو وڏو انتظار آهي.

پاناما جي فيصلي کانپوءِ پي پي پي پهنجي مستقبل جو لاعمل جو اعلان ڪندي ۽ دما دم مست قلندر ٿيندو.  اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پهنجي پارٽي ڪارڪنن کي خطاب  ۾ اعلان ڪندي چيو آهي ته پنجاب ۾ ايندڙ حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي هوندي ۽ گڏوگڏ پي پي جي شريڪ چيئرمين هڪ نئو نارو ايجاد ڪرايو آهي ته هڪ زرداري، سڀني سان ياري. جنهن جو مطلب اهوئي لڳي رهيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي پهنجي مفاهمت واري پاليسي جاري رکندي.

سنڌ حڪومت گئس جي ورڇ ڪان وٺي ترقياتي ڪمن جي حوالي سان وفاقي حڪومت کي خطن ۽ ملاقاتن جي ذريعي آگهاهه ڪري چڪي آهي ته وفاق سنڌ سان ڏاڍائي ڪري رهيو آهي. ان حوالي سان بلاول ڀٽو زرداري  چيو آهي ته نواز حڪومت جي ان رويي سان وفاق ڪمزور ٿي رهيو آهي. ان سان گڏ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۾ نواز ليگ جي مظبوط اميدوارن کي پي پي ۾ شامل ڪري (ن) ليگ کي ملهه مارڻ جي ڀرپور تياري ۾ آهي. پيپلز پارٽي هن وقت اهو پيغام ڏئي رهي آهي ته پي پي  وفاقي جماعت آهي ۽ هن ماضيءَ ۾ به نواز ليگ جو مقابلو آهي ۽ اڄ به پوري  ملڪ ۾ مقابلو مارڻ جي پهنجي قوت رکي ٿي. ان ڪري پيپلز پارٽيءَ کان پاسو ڪيو وڃي.  آصف علي زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ ڪڏهن به اليڪشن هائي نه آهن پر پيپلز پارٽيءَ کي ڌانڌلي جي ذريعي هارايو ويو آهي. جيڪڏهن  اڳوڻي صدر جي ان ڳالهه کي ڏٺو وڃي ته واقعي اها  سچي آهي. ڇو جو ماضيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ  کي هارائڻ لاءِ  آءِ  جي آءِ ٺاهي وئي جيڪا ڳالهه سپريم ڪورٽ ۾ اصغر خان ڪيس ۾ ثابت ٿي چڪو آهي.

nawaz & zardari

ٻئي طرف وزير اعظم محمد نواز شريف سنڌ ۾ دورا ۽ ترقياتي پيڪيج جا اعلان ڪري رهيو آهي ته جيئن هو ( ن) ليگ کي سنڌ ۾ مظبوط ڪري ايندڙ اليڪشن ۾ڪجهه سيٽون کٽي سگهي. اهي به چيو پيو وڃي ته نواز ليگ سنڌ جي قوم پرست پارٽين ۽ پي پي جي ناراض ڪارڪنن سان مسلسل رابطن ۾ آهي  ۽ ان ڪوشش ۾ آهي ته پيپلز پارٽي جي خلاب سنڌ ۾ وهڪ مظبوط اتحاد ٺاهيو وڃي، پر (ن) ليگ وٽ سنڌ ۾ ڏيڻ يا سودي بازيءَ ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه به ڪونهي سواءِ گورنري جي، جيڪا سيٽ پڻ خالي نه آهي. اهو واضع رهي ته گورنر جي سيٽ جي لاءِ ممتاز ڀٽو کان وٺي پراڻن ليگي ڪارڪنن وڏي ڪوشش ڪئي پر اهي ڪامياب نه ٿي سگهيا. ڇو جو (ن) ليگ جي حڪومت سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ سان محاذ اٽڪاڻ نه ٿي چاهي ۽ هاڻي به نواز ليگ پاڪستان سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي پريشاني جي سبب ڪونه بڻبي. باقي پيپلز پارٽي کي پانامه جي فيصلي جي انتظار ۾ آهي ته جيڪڏهن ميان صاحب گهر وڃي ٿو ته حڪومت ڪمزور ٿي ويندي ۽ ظاهر آهي ته ان ڪمزوريءَ جو فائدو سڀئي پارٽيوڻ حاصل ڪرڻ چاهينديون ته اهو فيصلو انهن جي جدوجهد جي ڪري آيو آهي. باقي جيڪڏهن فيصلو اهو نه ٿو اچي ته  پوءِ  تحريڪ انصاف، جماعت اسلامي، (ق) ليگ  پهريائين چئي چڪا آهن ته اهي پاناما جو فيصلو عوام جي عدالت ۾ کٽي چڪا آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي مفاهمت واري سياست جاري رکندي تمام سياسي ۽ مذهبي پارٽين سان، سواءِ نواز ليگ جي ڇو جو پي پي پي پنجاب ۾ پهنجو پراڻو ڏکڻ پنجاب وارو ووٽ ۽ وچ پنجاب ۾ ڪجهه سيٽوڻ حاصل ڪرڻ جي لاءِ هٿ پير هڻي رهي آهي. ان ڪري جيڪڏهن هن حڪمران جماعت نواز ليگ سان مفاهمت واري پاليسي جاري رکي ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي وفاقي حڪومت حاصل ڪرڻ وارو خواب ڪڏهن به پورو ڪونه ٿيندو.

jalal sha with nawaz 1

هاڻي اچون ٿا حڪمران جماعت (ن) ليگ جي حڪمت عمليءَ تي، هن وقت ڏٺو وڃي ٿو ته (ن) ليگ پهنجي ڀرپور تياري ۾ آهي ته پهنجي مخالف سياسي پارٽين پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي ۽ گڏو گـڏ پانامه ليڪس کي ڪوڙو ڪيس قرار ڏئي ڪري ماضي ۾ هميشه همشه جي لاءِ  دفن ڪري اڳتي وڌندي. ڏٺو وڃي ته پانامه جهڙا گهڻا ئي ڪيس پاڪستان جي سرد خانن ۾ دفن آهن.

khuwaja izharfazal rehman & siraj

ايندڙ اليڪشن ۾ پانامه  ڪيس نواز ليگ جي خلاف نارو ته ٿي سهگي ٿو پر ان ناري تي (ن) ليگ کي پنجاب ۾ هرائڻ ڏاڍو مشڪل آهي. ڪجهه تجزيه ڪارن جي خيال آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف پنجاب جي شهري علائقن ۾ نواز ليگ جون ڪجهه سيٽوڻ کٽي سگھي ٿي پر ساڳي ئي وقت انهن تجزيه ڪارن کي اهوبه خوف آهي ته تحريڪ انصاف خيبرپختونخواه گڻيون سيٽون کٽي ڪونه سگهندي. ان مان واضح آهي ته عمران خان جو وزير اعظم ٿيڻ وارو خواب ڏاڍو ڏکيو آهي. باقي ايندڙ اليڪشن ۾ وزير اعظم جي سيٽ لاءِ مقابلو نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي وچ ۾ جاري رهندو. باقي جيئن ئي پانامه ليڪس جي فيصلو ايندو ته پي پي پي ميدان ۾ سندرو ٻڌي لهندي. اهو به خيال آهي ته پيپلز پارٽي ۽ (ن)  ليگ جي وچ ۾ سياسي بيان بازي ۽ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ايندو.  باقي (ق) ليڪ جماعت اسلامي، جمعيت علماءَ اسلام (ف) ايم ڪيو ايم، بي اين پي، پختونخواه ملي عوامي پارٽي ۽ قوم پرست پارٽيون پهنجا سياسي بيان جاري رکندا ۽ پانامه جي حوالي سان ۽ اهوثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ته اهو ان فيصلي جي نتيجي کان پهريائين ئي واقف هيا  ته فيصلو ڪهڙو ايندو. پاڪستان تحريڪ انصاف هميشه وانگر روڊن تي اچڻ جو فيصلو ڪندي، چاهي پانامه ليڪس جو ڪهڙو به فيصلو اچي. ڇو جو تحريڪ انصاف وٽ جلسن ۽ جلوسن کان علاوه پيو ڪو رستو ئي ناهي رهيو. ڇو جو تحريڪ انصاف شروع کان وٺي، سياسي  مسئلن تي سياست ڪئي آهي اها رڳو حڪومتن جون خاميون ڳولهيندي ۽ ان تي بيان بازي ۽ احتجاجي سياست جي شروعات ڪندي ۽ جلد ئي تحريڪ انصاف جا جلسه جلوس توهان کي پوري ملڪ ۾ نظر ايندا. پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان  پريس ڪانفرس ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين جي ضمانت، آيان علي جي آزادي ۽ شرجيل ميمڻ جي پاڪستان آمد کي نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ ڊيل قرار ڏني آهي ۽ جلد ئي عمران خان ماضيءَ واريون پراڻيون ڳالهيون شروع ڪندو ته پيپلز پارٽيءَ ۽ (ن)  ليگ وچ ۾ واريون ورهايل آهن. تجزيه ڪارن جي خيال آهي ته جلد ئي پاڪستان تحريڪ انصاف عوامي مسئلن تي سياست شروع ڪندي ڇو جو هن کي سياسي مسئلن واري سياست مان ڪجهه به حاصل ناهي ڪري سگهي.

ayaz palejorasol bux palejo qadir magsi

باقي پاناما جي جيڪو به فيصلو آيو اهو نواز ليگ سميت تمام پارٽين کي قبول هوند. گهڻن سياسي پارٽين جا بيان ريڪارڊ تي آهن ته ماضيءَ م ڪڏهن به  (ن) ليگ  جي خلاف ڪو فيصلو نه آيو آهي ۽ اها ڳالهه سڀني جي سامهون آهي ته (ن) ليگ ماضيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي خلاف هٿرادو ۽ پهنجا من پسند فيصلا پڻ ڪرايا آهن، جن جا ٽيپ ريڪارڊ اڃا به موجود آهن. باقي سياسي هلچل، بيان بازي، الزام تراشي، جاري رهندي ايندڙ اليڪشن تائين ۽ جيئن ئي گرمي وڌندي اسلام آباد سميت پوري ملڪ ۾سياسي اختلاف چوٽ چڙهندا. باقي رهيون تبديليءَ جون افوائون، اهي ته اسان جي ملڪ ۾ هر وقت جاري رهنديون آهن. بقول عمران خان جي تبديلي ايندي نه پر، اچي چڪي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *