Thursday , March 28 2024

پاناما ڪيس: جي آءِ ٽي پاران جاچ جاري، حسين نواز ساڍا پنج ڪلاڪ بيان رڪارڊ ڪرايو

Hussain Nawaz02

سپريم ڪورٽ جي هدايتن تحت پاناما ڪيس جي وڌيڪ جاچ ۽  ان جي مختلف پاسن بابت لاڳاپيل ڌرين کان  جاچ لاءِ جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم پنهنجو ڪم تيزي سان جاري رکيو پئي اچي. وزير اعظم ميان نواز شريف جو پٽ حسين نواز گڏيل جاچ ٽيم آڏو پيدش ٿيو. ذرفيعن کان مليل ڄاڻ موجب جاچ ٽيم حسين نواز کان ساڍن پنجن ڪلاڪن تائين پڇاڳاڇا ڪندي رهي.

جي آءِ ٽي حسين نواز کان سندس سموري ملڪيت، مي فيئر فليٽس، آف شور ڪمپنين ۽ ٻين معاملن بابت آڏي پڇا ڪئي. جي آٽي سربربراهه ۽ ايف آءِ اي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر واجد ضياءُ جي سربراهي ۾ ڇهه رڪني جاچ ٽيم

ان کان اڳ جي آءِ ٽي آڏو پيش ٿيڻ لاءِ جوڊيشل اڪيڊمي پهچڻ وقت حسين نواز کي گهيري ورتو. هن ميڊيا کي جاچ ٽيم آڏو پيش ٿيڻ کان اڳ ڪنهن سوال جو جواب نه ڏنو، رڳو اهو چيو ته آئون مڪمل تياري سان آيو آهيان، جڏهن کانئس اهو سوال ڪيو ويو ته اوهان تي الزام لڳايا ويا آهن، انهي باري ۾ ڇا چوندو ته هن جواب ڏنو ته مون کي جيڪو ڪجھه چوڻو آهي اهو اندر وڃي چوندس. جي آءِ ٽي حسين نواز کي هدايت ڪئي هئي ته پنهنجي ڪمپنين جو رڪارڊ ۽ جائيداد جا سمورا دستاويز، مي فيئر فليٽ، عزيزيا ملز، هل ميٽلز لميٽڊ، نيلسن ۽ نيڪسول ڪمپنين جا سمورا تفصيل ساڻ کڻي اچو.

جي آءِ ٽي ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ کانپوءِ جڏهن حسين نواز شام جو ٻاهر آيو ته، هن ميڊيا کي ٻڌايو ته قانون موجب جاچ ٽيم آڏو پيش ٿيس، جاچ ٽيم جو انتظار ڪيو، جئين ڪا ڳالهه رهجي نه وڃي. جاچ ٽيم جيڪو سوال ڪيو انهي جو مون جواب ڏنو، هن چيو ته آئون روزاني جاچ ٽيم جي آڏو پيش ٿي رهيو آهيان، جيڪڏهن مون کي وري به طلب ڪيو ويو ته به آئون پيش ٿيندس، هن چيو ته جاچ ٽيم جيڪو رڪارڊ طلب ڪيو هو، اهو مون کين پيش ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته قانوني حقيقتن کان هٽي ڪوبه دستاويز پيش نه ڪندس، ڪاميٽي جي ٻن ميمبرن تي اعتراض بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن مون کي احساس ٿيو ته ڪنهن جو رويو درست نه آهي ته هو به اها اميد نه رکي ته مان عدالت ۾ نه ويندس ۽ عوام جي آڏو نه ايندس. حسين نواز چيو ته انشاءَ الله منهنجي والد ۽ ڀيڻ ڀائرن خلاف ڪا غلط ڳالهه ثابت نه ٿي سگهندي.

 

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *