Friday , March 29 2024

پاناما وارو هُل-مريم نواز شادي کانپوءِ ڪنهن جي ڪفالت ۾ ..؟ – اڄ مان جي آءِ ٽي آڏو اهڙن سوالن جا به جواب ڏنا جيڪي واجب الجواب به نه هئا: مريم نواز

Maryam Nawaz JIT 01

پاناما وارو هُل-مريم نواز شادي کانپوءِ ڪنهن جي ڪفالت ۾ ..؟

مريم نواز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو خاندان 80 سالن کان ڪاروبار ڪري رهيو آهي، اسان ته پنهنجي ملڪيتن جا تفصيل ڪنهن نه ڪنهن  طريقي سان ڏئي وين داسين پر، آخر ان جو ڇاٿيندو جيڪو کائيندو پئندو ئي هِن هُن کان گُهري کائيندو آهي. جي آءِ ٽي ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته، پاناما ۽ ڊان ليڪس ۾ مونکي ملوث ڪرڻ جي سازش اصل ۾ منهنجي والد ۽ وزيراعظم نواز شريف کي بدنام ڪري جهڪائڻ جي ناڪام ڪوشش آهي. مريم نواز ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاناما ليڪس آسماني صحيفو نه آهي، انهن کي به حساب ڪتاب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پانام ليڪس ۾ 500 ٻين خاندانن جو به ذڪر ٿيل آهي، ڇا انهن جو آفشور حلال ۽ ٻين جون حرام آهن؟

مريم نواز ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران ڪيترائي ڀيرا هٻڪندي هٻڪندي چيو ته آءُ انهن سوالن جا به جواب ڏنا آهن جيڪي واجب الجواب نه هئا. هن چيو ته جي آءِ ٽي کان مون به سوال ڪيو ته اسان جي خاندان تي الزام ڪهڙو آهي، جنهن جو جاچ ٽيم ڪو به جواب نه ڏئي سگهي. هن چيو ته مان نواز شريف جي ڌيءُ آهيان ان مونکي حق ۽ سچ جي راهه تي هلڻ جي تربيت ڪئي آهي. کيس ان شخص تي ترس ٿو اچي جنهن جي ڪمائي جو ذريعو ڪجهه به نه آهي ۽ 20 ڪروڙ عوام آڏو نواز شريف ۽ ان جي ڪٽنب تي بي بنياد الزام هڻي رهيو آهي.

ٻئي طرف ان کان اڳ پاناما اسڪينڊل ۾ شريف ڪٽنب جي شامل هجڻ واري مامرفي جو ڊراپ سين ويجهو پهچي ويو آهي. وزير اعظم ميان نواز شريف جي نياڻي مريم نواز شادي کان اڳ ۾ ۽ شادي کان پوءِ ڪنهن جي ڪفالت ۾ رهي آهي ۽ سندس لنڊن فليٽس ۽ پاناما جي آف شور ڪمپنين سان سندس ڪهڙو ۽ ڪيرتو واسطو آهي ؟ سميت ڪيترن ئي سوالن جا جواب ڏيڻ لآءِ مريم نواز پهريون ڀيرو گڏيل جاچ ٽيم آڏو پيش ٿي چڪي آهي.

مريم نواز وزيراعظم هائوس کان جوڊيشل اڪيڊمي آمد وقت کيس مڪمل وي وي آءِ پي پروٽوڪول ڏنو ويو آهي. جوڊيشل ڪم يٽي طرف ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪري مريم نواز لاءِ پرسڪون دڳ مهيا ڪيو ويو پر ان دوران هزارين شهري مصيبتن کي منهن ڏين دا رهيا.

جي آءِ ٽي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم نواز جو مڙس ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر آپي مان نڪري ويو. جڏهن هڪ صحافي کائنس سوال ڪيو ته مريم نواز جو آخرڪار ڪفالت ڪندڙ ڪير آهي، اوهان کي خبر هوندي؟ اهڙي سوال تي مريم نواز جو مڙس ڪئپٽن صفدر باهه ٿي ويو ۽ صحافي چيو ته ” تون به پاڻ کي وزيراعظم جي ڪفالت ۾ وٺڻ لاءِ مون وٽ درخواست کڻي آيو هئي“. ڪئپٽن صفدر جي اهڙي رويي تي صحافي صفا بِر ٿي ويا.

جڏهن ته ڪجھ صحافين جو چوڻ آهي ته، ڪئپٽن صفدر اڻسڌي طرح ٻڌائي ڇڏيو آهي ته مريم نواز اڃا تائين به پنهنجي والد ميان نواز شريف جي ڪفالت ۾ آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *