Friday , April 19 2024

پاناما ميگا ڪرپشن جو دبنگ ڪيس، سپريم ڪورٽ فيصلو محفوظ، ڇولين جي ابتڙ ترڻو پيو ته ترنداسين: جسٽس اعجاز افضل

JIT New stillJIT new00

اسلام آباد: پاناما جي ميگا ڪرپشن واري دبنگ ڪيس جي سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس تي سمورين ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد، عملدارآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني عملدرآمد بئنچ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.

عدالت چيو آهي ته جيڪو ٻڌڻو هيو ٻڌي ورتو، جيڪو ڏسڻو هيو ڏسي ڇڏيو، هاڻي فيصلو ٻڌائينداسين، جسٽس اعجازالاحسن چيو آهي ته وزيراعظم جڏهن لفظ “اسان” استعمال ڪيو ته ان جو مطلب پورو خاندان آهي، ڇا هاڻي وزيراعظم پاڻ کي خاندان کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي؟ جسٽس اعجاز افضل چيو ته قانون جي دائري ۾ رهي ڇولين جي ابتڙ ترڻو پيو ته ترنداسين. جسٽس شيخ عظمت چيو آهي ته گارنٽي ڏيون ٿا ته فيصلو ٻڌائڻ وقت وزيراعظم جي نااهليءَ وارو معاملو به ڏسنداسين، جسٽس اعجاز افضل چيو آهي ته آئين ۽ قانون جي دائري کان ٻاهر نه وينداسين. سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران وزيراعظم جي وڪيل خواجا حارث آخري وقت تي ڪھ نوان دستاويز جمع ڪرائڻ جي درخواست ڪئي ته سپريم ڪورٽ اهڙي درخواست رد ڪري ڇڏي.

عدالتي رمارڪس ۾ چيو ويو آهي ته، وزيراعظم چيو هو ته هي اسان جي آمدنيءَ جا ذريعا آهن، جن مان ٻارن ڪاروبارو شروع ڪيو ۽ اسپيڪر کي ڪجهه ڪاغذ پيش ڪيا پر اسان هڪ سال کان انتظار ڪري رهيا آهيون دستاويز نه مليا آهن، جسٽس اعجازالاحسن چيو آهي ته وزيراعظم جڏهن لفظ “اسان” استعمال ڪيو ته ان جو مطلب پورو خاندان آهي، ڇا هاڻي وزيراعظم پاڻ کي خاندان کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي.

Hassn, hussain, nawaz maryam

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ جسٽس عظمت سعيد ۽ جسٽس اعجاز الاحسن تي ٻڌل ٽي رڪني بينچ جي آءِ ٽي رپورٽ تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي جي شروعات دوران وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته نيلسن ۽ نيسڪول ٽرسٽ ڊيڊ تي ڳالهيون ٿيون، عدالت چيو ته لڳي ايئن ٿو ته هي جعلسازي ڪيس آهي، جنهن جي وضاحت ٿيندي. جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏيندي چيو ته هو به اهو ڏسي سگهن ٿا ته آخر صحيون ڪهڙي ريت مختلف آهن. وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته ماهرن غلطي وارن دستاويزن جو جائزو ورتو آهي، ڪنهن به صورت ۾ جعلي دستاويز ڏيڻ جي نيت نه هئي، غلطي سان صفحا لڳي ويا هئا، اها صرف هڪ ڪلارڪي غلطي هئي، جيڪا چيمبر مان ٿي. جسٽس عظمت سعيد چيو ته هاڻ مسئلو فونٽ جو رهجي ويو، وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته ٻيو معاملو موڪل ڏينهن  سيل ڊيڊ جي تصديق جو آهي، لنڊن ۾ موڪل جي ڏينهن به نوٽري پبلڪ جي تصديق ٿي ويندي آهي، جسٽس عظمت سعيد چيو ته اوهان جي ڳالهه نوٽ ڪري ورتي آهي.

ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته حسين نواز اهو ڪڏهن به نه چيو آهي ته ان جو ڪو ساليسٽر موڪل ڏينهن به موجود هوندو آهي، جيڪي لافرم جا دستاويز اوهان پيش ڪري رهيا آهيو، اهي تصديق ٿيل نه آهن. عدالت ٻڌڻي دوران جي آءِ ٽي رپورٽ جي جُلد نمبر 10 کولڻ جو حڪم ڏنو، جسٽس عظمت سعيد وزيراعظم جي وڪيل خواجا حارث کي مخاطب ٿيندي چيو ته خواجا صاحب! اوهان جي چوڻ تي جي آءِ ٽي جو واليم 10 کوليو آهي. خواجا حارث چيو ته عدالت کي استحقاق آهي ته رپورٽ جو واليم نمبر ڏهه ڪنهن کي ڏيکاري يا نه ڏيکاري. جسٽس عظمت سعيد ريمارڪس ڏيندي چيو ته هاڻ رپورٽ جو ڏهون جُلد ڪنهن کي به نه ڏيکارينداسين، عدالت کان وڌيڪ خواجا حارث جو مطئمن ٿيڻ ضروري آهي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته ريفرينس نيب ڏانهن اماڻيو وڃي، جنهن تي سلمان اڪرم موقف ڏيندي چيو ته ڪيس جي وڌيڪ جاچ ڪئي وڃي. جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته وزيراعظم پُراسرار ثبوت قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڏنا، اسان کي ڇو نه پيو ڏئي، وزيراعظم اسان جي اثاثن ۾ پاڻ کي به شامل ڪيو آهي.

Ishaq Dar

ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز افضل پڇا ڪئي ته ڇا قطري شهزادو شاهدي ڏيڻ لاءِ تيار  آهي؟ سلمان اڪرم راجا چيو ته قطري شهزادي بابت ڪجهه به نه ٿو چئي سگهان، کيس وڊيو لنڪ جي آڇ نه ڪئي وئي هئي، جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته شاهدن کي تسليم ڪرڻ يا نه ڪرڻ ٽرائل ڪورٽ جو ڪم آهي. سلمان اڪرم راجا دليل ڏيندي چيو ته وزيراعظم جي اولاد پنهنجي ڪاروبار جي پاڻ ذميوار آهي، کين ڪاروبار جا وسيلا سندن ڏاڏي ڏنا. جيڪڏهن اولاد جا اثاثا ثابت ٿين ته ان جي ذميواري والدين تي نه ٿي اچي.

ڪارروائي دوران جسٽس اعجاز افضل سوال ڪيو ته، جيڪڏهن عوامي عهدو رکندڙن جي آمدني اثاثن موجب نه هجي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ٻارن جي ڪاروبار جا سمورا ثبوت موجود آهن، اهو سڀ ڪجهه عوامي عهدو رکندڙ قومي اسيمبلي ۾ ۽ قوم کي خطاب ڪندي چيو هو. جسٽس اعجاز افضل چيو ته هتي معاملو عوامي عهدو رکندڙ جو آهي، هو پنهنجي عهدي جي ڪري جوابده آهي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته عدالت جيڪڏهن ان نتيجي تي پهتي ته عوامي نمائندگي ايڪٽ جو سيڪشن 12 به لاڳو ٿيندو.

وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته عوامي نمائندگي ايڪٽ لاڳو ڪرڻ لاءِ قانوني عمل ضروري آهي. تحريڪ انصاف جي وڪيل نعيم بخاري عدالت ۾ چيو ته نوازشريف ايف زيڊ اي ڪمپني کي ظاهر نه ڪيو آهي، وزيراعظم عدالت  ۽ قوم آڏو صادق ۽ امين نه رهيو آهي.

نعيم بخاري چيو ته نوازشريف ورڪ پرمٽ ۽ چيئرمين ٿيڻ به لڪايو، پگهارن جون رسيدون به لڪايون. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڇا عوامي عهدو رکندڙ تي نوڪري ڪرڻ جي پابندي آهي؟ جنهن تي نعيم بخاري چيو ته معاملو مفادن جي ٽڪراءُ جو آهي. جسٽس اعجاز افضل چيو ته ڇا وزيراعظم تي نوڪري ڪرڻ جي پابندي آهي، ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته وزيراعظم نوازشريف تي اهڙي ڪا به واضح پابندي نه لڳائي وئي آهي.

Maryam

جسٽس اعجاز افضل چيو ته مريم نواز کي بينيفيشل مالڪ تسليم ڪيو به وڃي ته به پرورش وارو معاملو سامهون ايندو.جسٽس اعجاز افضل چيو ته 90 جي ڏهاڪي ۾ نوازشريف جي اولاد جو آمدني جو ذريعو هيو يا نه؟. نعيم بخاري چيو ته اسحاق ڊار ۽ شريف ڪٽنب اثاثا وڌائڻ لاءِ هڪ ئي طريقو اختيارڪيو، رقم اڳ ئي ملڪ کان ٻاهر اماڻي ۽ پوءِ ملڪ ۾ واپس آندي. عدالت دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڪندي ڪارروائي ختم ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *