Thursday , April 18 2024

پاناما جو هُل: وزيراعظم نواز شريف اهل يا ناهل؟ فيصلو ڪجهه ڪلاڪن ۾….!!

Pnama SCP Judges

Imran khanNawaz SCP

اسلام آباد: وزير اعظم نواز شريف سميت سندس خاندان جي مستقبل بابت فيصلو ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ عوام آڏو اچي ويندو، سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 5 رڪني لارجر بينچ ساڍي يارهين وڳي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي، سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني عملدرآمد بئنچ جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي ٻڌڻين بعد21  هين جولاءِ تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو هو.

سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي پاناما ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندڙ 5 رڪني لارجر بئنچ ۾ جسٽس آصف سعيد کوسا، جسٽس گلزار،جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس اعجاز افضل ۽ جسسٽس عظمت سعيد شيخ شامل آهن. پاناما ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ 20 اپريل تي ڪيس جو پهريون فيصلو ٻڌايو هو. لارجر بئنچ جي ٻن ججن جسٽس آصف سعيد کوسا ۽ جسٽس گلزار احمد وزيراعظم کي پهرين فيصلي ۾ نااهل قرار ڏنو هو، جنهن بعد  جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ پاناما مامري جي وڌيڪ جاچ ڪرڻ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم جوڙڻ جو حڪم ڏنو هو.

جي آئي ٽي 60 ڏينهن ۾ پاناما مامري جي مختلف پاسن کان جاچ ڪري 10 جولائي تي رپورٽ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني عملدرآمد بئنچ آڏو رپورٽ پيش ڪئي هئي، جنهن تي عملدرآمد بئنچ سمورين ڌرين جي وڪيلن جو موقف ٻڌڻ بعد 21 هين جولاءِ تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو هو.

پاناما ڪيس جو فيصلو، اسلام آباد ۾ هاءِ الرٽ، سيڪيورٽي، قلم 144 لاڳو

Rangers personnelImran & nawaz 

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پاران سڀاڻي پاناما ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ واري موقعي تي اسلام آباد ۾ قلم 144 لڳائي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن، ريڊ زون خاص طور تي سپريم ڪورٽ واري علائقي سميت اهم جاين تي پوليس سان گڏ رينجرز ۽ ايف سي اهلڪار به مقرر ڪيا ويا آهن. سپريم ڪورٽ پاران پاناما ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ جي موقعي تي انتظاميا اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي انتظام سخت، قلم 144 لڳائي ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ ۽ ريڊ زون سميت اهم جاين تي پوليس سان گڏ رينجرز، ايف سي جا 3 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، انتظاميا پاران اسلام آباد ۾ 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي هڪ جاءِ تي گڏجڻ تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي. قلم 144 لڳائي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايتن بعد ريڊ زون جي سڪيورٽي لاءِ وڏي نفري اسلام آباد پهچڻ شروع ٿي وئي آهي، پوليس شهر ۾ داخل ٿيندڙ گاڏين جي تلاشي به وٺي رهي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *