Saturday , April 20 2024

پاناما جو هُل: وزيراعظم صادق ۽ امين ناهي رهيو-نوازشريف نااهل ٿي ويو: سپريم ڪورٽ

Panama-Leaks 2

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ وزيراعظم وزير اعظم نواز شريف کي قرار ڏنو آهي ته هُو صادق ۽ امين ناهي رهيو، نوازشريف نااهل ٿي ويو آهي سميت سندس خاندان جي مستقبل بابت فيصلو اچي ويو آهي. 5 رڪني لارجر بينچ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. هي فيصلو سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني عملدرآمد بئنچ جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي ٻڌڻين بعد21  هين جولاءِ تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو هو.

 پاناما ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندڙ 5 رڪني لارجر بئنچ ۾ جسٽس آصف سعيد کوسا، جسٽس گلزار،جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس اعجاز افضل ۽ جسسٽس عظمت سعيد شيخ شامل آهن. پاناما ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ 20 اپريل تي ڪيس جو پهريون فيصلو ٻڌايو هو. لارجر بئنچ جي ٻن ججن جسٽس آصف سعيد کوسا ۽ جسٽس گلزار احمد وزيراعظم کي پهرين فيصلي ۾ نااهل قرار ڏنو هو، جنهن بعد  جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ پاناما مامري جي وڌيڪ جاچ ڪرڻ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم جوڙڻ جو حڪم ڏنو هو.

جي آئي ٽي 60 ڏينهن ۾ پاناما مامري جي مختلف پاسن کان جاچ ڪري 10 جولائي تي رپورٽ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني عملدرآمد بئنچ آڏو رپورٽ پيش ڪئي هئي، جنهن تي عملدرآمد بئنچ سمورين ڌرين جي وڪيلن جو موقف ٻڌڻ بعد 21 هين جولاءِ تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو هو.

پاناما ڪيس جو فيصلو، اسلام آباد ۾ هاءِ الرٽ، سيڪيورٽي، قلم 144 لاڳو

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پاران سڀاڻي پاناما ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ واري موقعي تي اسلام آباد ۾ قلم 144 لڳائي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن، ريڊ زون خاص طور تي سپريم ڪورٽ واري علائقي سميت اهم جاين تي پوليس سان گڏ رينجرز ۽ ايف سي اهلڪار به مقرر ڪيا ويا آهن. سپريم ڪورٽ پاران پاناما ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ جي موقعي تي انتظاميا اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي انتظام سخت، قلم 144 لڳائي ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ ۽ ريڊ زون سميت اهم جاين تي پوليس سان گڏ رينجرز، ايف سي جا 3 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، انتظاميا پاران اسلام آباد ۾ 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي هڪ جاءِ تي گڏجڻ تي به پابندي لڳائي ڇڏي آهي. قلم 144 لڳائي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايتن بعد ريڊ زون جي سڪيورٽي لاءِ وڏي نفري اسلام آباد پهچڻ شروع ٿي وئي آهي، پوليس شهر ۾ داخل ٿيندڙ گاڏين جي تلاشي به وٺي رهي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *