Saturday , April 20 2024

پارليامينٽ لاجز ۽ 50 هزار ڪوئا، ماجرا ڇا آهي…..؟؟؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هونئن ته هاري ناري ۽ پورهيت توڙي پرچون جي دوڪاندارن کي خبر آهي ته ڪوئن جو آزار ڪيڏو عذاب ڏيندو آهي، اهي ڪٿي ۽ ڪيئن هجن ٿا ۽ پهچندا ڪيئن آهن، ڪوئن مان جان ڇڏائڻ به هاري پورهيت ڄاڻي ٿو پر، اڱاري ڏينهن اهو به انڪشاف به ٿيو آهي تهه، قومي اسيمبلي جي ميمبرن  ۽ سينيٽرز جي رهائشگاهه پارليامينٽ لاجز ۾ به 50 هزار ڪوئن جي موجودگي جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. اهڙو انڪساف وفاقي اداري پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل جي چيئرمين  ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته، پارليامينٽ لاجز ۾ 50 هزار جي لڳ ڀڳ ڪوئا موجود آهن. فوڊ سيڪيورٽي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ڏنل بريفنگ ۾ پي اي آر سي چيئرمين جو چوڻ هو ته پارليامينٽ جي ڪمرن ۽ ڪيفيٽيريا ۾ به ڪوئا موجود آهن. سندس چوڻ هو ته جيستائين ڪوئن جو اثر ختم نٿو ٿئي، اهي ختم نٿا ٿي سگهن. پي اي آر سي چيئرمين جو وڌيڪ چوڻ هو ته سروي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اسان ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (سي ڊي اي) کي چيو آهي ته اها ان معاملي ۾ ڪجهه ڪري. ان موقعي تي قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر فوزيا حميد چيو ته منهنجي ڪمري ۾ به ڪوئا موجود آهن. ٻئي پاسي ڪميٽي چيئرمين بشير اعواڻ به پنهنجي ڪمري ۾ ڪوئن جي موجودگي تي گلا ڪندي چيو ته مان ڪوئا مار دوا وٺي ويس، ڪجهه ڏينهن سڪون سان رهيس ۽ ڪجهه ڏينهن سڪون کانپوءِ ڪوئا ٻيهر منهنجي ڪمري ۾ اچي ويا. پي اي آر سي چيئرمين ڪميٽي کي ٻڌايو ڪوئن ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ٽائون جي پولٽري فارم ۾ به حشر خراب ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي وزارت جي سيڪريٽري جو چوڻ هو ته ڪوئا مختلف فصلن کي تباهه ڪري رهيا آهن، جنهن تي پي اي آر سي چيئرمين ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته ڪوئن جي خاتمي لاءِ ريسرچ جي رٿابندي جوڙي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *