Saturday , April 20 2024

ٽڪيٽون نه ملڻ تي پ پ جي رڌڻي ۾ رولو پئجي ويو

ڪراچي(سنڌسماءَچار رپورٽ)  پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ ٽڪيٽن جي ورهاست تي ڦڏا وڌي ويا آهن، پ پ جي ڪچن ڪئبينيٽ ۾ رولو زور وٺي رهيو آهي، ٽڪيٽن ملڻ جي آسري تي ويٺل نوشهروفيرو، سانگهڙ،ڄامشورو ۽ نوابشاهه جا جيالا آزاد حيثيت ۾ چونڊن وڙهڻ لاءِ فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ستار راڄپر، عبدالحق ڀرٽ، سانگهڙ جو جوڻيجو خاندان ۽ آصف زرداري جو ويجهو ساٿي ستار ڪيريو به ميدان ۾ لهي پيا آهن. آصف زرداري جي ويجهي ۽ انتهائي اعتماد جوڳي ساٿي طور سڃاتي ويندڙ سردار عبدالستار ڪيريو کي به پ پ قيادت سڪرنڊ واري صوبائي تڪ تي ٽڪيٽ ڏيڻ جو آسرو ڏنو هو. ستار ڪيريو کي پ پ ٽڪيٽ جاري نه ڪرڻ واري فيصلي تي ستار ڪيريو به ٺپ پِڙُ ڪڍي بيهي رهيو آهي. هن پنهنجي ڀاءُ وسيم باري کي نوابشاهه/شهيد بينظير آباد جي سڪرنڊ واري صوبائي تڪ پي ايس 39 تي سرداري وسيم باري ڪيريو جو آزاد اميدوار طور فارم ڀرائي ميدان ۾ لاهي ڇڏيو آهي. وسيم باري ڪيريو پ پ جي غلام قادر چانڊيو ۽ ايس يو پي جي سيد زين شاهه سان مقابلو ڪندو.

  ڊاڪٽر سڪندر شورو   –        عبدالستا راڄپر

ٽڪيٽ نه ملڻ تي، سانگهڙ ۾ پيپلز پارٽي جي جيالي رئيس شاهنواز خان جوڻيجو جي جوڻيجو خاندان به پ پ جي ٽڪيٽ  ه ملڻ تي ضلعي جي 5 تڪن تي آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سانگهڙ ضلعي ۾ ٽڪيٽ مليل پ پ اميدوار روشن جوڻيجو پاران پنهنجي ڀائٽي کي ٽڪيٽ نه ملڻ تي احتجاج طور پنهنجا، ڀائٽي ۽ پٽن جا آزاد اميدوار طور 5 نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. روشن جوڻيجو جي پٽ صلاح الدين پي ايس 46 سنجھورو تي آزاد اميدوار طور نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. جھانگير جوڻيجو پي ايس 45 شھدادپور ۽ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اصغر علي جوڻيجو اين اي 216 کپرو ۽ پي ايس 43 تي فارم جمع ڪرايا ورتا آهن. ساڳئي جوڻيجو خاندان جي فرد عباس جوڻيجو پي ايس 44 تي آزاد اميدوار طور نامزدگي فارم جمع ڪرايو آهي.

    وسيم باري ڪيريو ستار ڪيريو سان گڏ  –  اصغر علي جوڻيجو

نوشهروفيروز سان واڳيل پراڻي پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير عبدالحق ڀرٽ ٽڪيٽ نه ملڻ تي ڪاوڙجي آزاد حيثيت ۾ نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. مان چونڊيل اڳوڻي ايم پي اي ۽ نيب ۾ ڪرپشن ڪيسز/انڪوائريز اينڊ انويسٽيگيشنز کي منهن ڏيندڙ کي به پ پ ٽڪيٽ ناهي ڏني. ٽڪيٽ نه ملڻ تي ايم پي اي شپ جا مزا ماڻي ڏسندڙ عبدالستار راڄپر قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 211، پي ايس 34 ۽ 35 تي آزاد اميدوار طور فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ڄامشوري ضلعي ۾ اڇي ڪاري جي مالڪ سمجهيو ويندڙ ڊاڪٽر پ پ ۾ انتهائي بااثر سمجهيو ويندڙ ملڪ اسد سڪندر کي ٽڪيٽ ملڻ تي ڊاڪٽر سڪندر شورو ڪاوڙ ۾ اچي ويو آهي. سڪندر شورو ڪوٽڙي واري صوبائي تڪ پي ايس 82 تي ملڪ اسد سڪندر سامهون آزاد اميدوار طور اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪندي فارم جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. بدين ۾ ٽڪيٽ نه ملڻ تي پ پ جي اڳوڻي ايم اين اي ڪمال چانگ به  آزاد اميدوار طور نامزدگي فارم جمع ڪرايا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *