Thursday , March 28 2024

ٽڊاپ ڪرپشن ڪيس: يوسف رضا گيلاني ۽ مخدوم امين فهيم جو فرنٽ مين لنڊن ۾ گرفتار

مخدوم امين فهيم ۽ يوسف رضا گيلاني ٽڊاپ ڪيس ۾ پيشي دوران(فائل فوٽو)

لنڊن / ڪراچي  (رپورٽر/ مانيٽرنگ ڊيسڪ سنڌسماءَچار) ٽريڊنگ ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان (ٽڊاپ) ڪرپشن ڪيس جو اهم جوابدار فرحان جوڻيجو کي لنڊن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، ايف آءِ اي ذريعن تصديق ڪندي چيو آهي ته، فرحان جوڻيجو 25 ارب رپين جي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ۽ پ پ پ جي اڳوڻي سينئر اڳواڻ مخدوم امين فهيم ( مرحوم ) سان گڏ 20 کان وڌيڪ جوابدارن مان اهم جوابدار آهي. ميڊيا رپورٽس مطابق برطانيا جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي جي انٽر نيشل ڪرپشن يونٽ لنڊن ۾ ڪارروائي ڪري مني لانڊرنگ ۾ ملوث هڪ پاڪستاني شخص کي سندس زال سميت گرفتار ڪيو ويو آهي. وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته، ايف آءِ اي ۽ نيب جي گڏيل سهڪار سان برطانيا جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي مني لانڊرنگ ۾ ملوث پاڪستاني شهري کي سندس گهر واري سميت گرفتار ڪيو آهي. هن هڪ نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته، برطانيا ۾ گرفگتار شخص 25 ارب رپين کان وڌيڪ رقم غير قانوني طريقي سان منتقل ڪرڻ ۾ ملوث آهي. برطانوي ايجنسي جو چوڻ آهي ته گرفتار شخص ۽ سندس گهر واري پاڪستاني شهري آهن، جن جي برطانيا جي سري واري علائقي ۾ 80 لک پائونڊن جي ماليت کان وڌيڪ جي ملڪيت آهي، جنهن بابت سوالن جا مطمئن ڪندڙ جواب نه ملڻ تي کين گرفتار ڪيوم ويو آهي. گرفتار ڪيل پاڪستاني شخص ۽ سندس زال بابت متضاد رپورٽس اچي رهيون آهن جن ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته پڇاڳاڇا بعد ٻنهي کي ضمانت تي ڇڏيو ويو آهي.

ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي جي ذريعن ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته گرفتار شخص فرحان جوڻيجو آهي، جيڪو ٽڊاپ ڪرپشن ڪيس ۾ يوسف رضا گيلاني ۽ مخدوم امين فهيم (مرحوم) سان گڏ مک جوابدار آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته فرحان جوڻيجو يوسف رضا گيلاني ۽ مخدوم امين فهيم جي فرنٽ مين طور ڪم ڪندو هو. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي فرحان جوڻيجو ٽريڊنگ ڊيولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان (ٽڊاپ) ۾ اهم پوسٽ تي مقرر ٿيل هو. هن ڪرپشن ذريعي حاصل ڪيل رقم پهريان دبئي، آمريڪا ۽ سوئيٽزر لينڊ هنڊي ذريعي منتقل ڪرڻ کانپوءِ اها رقم برطانيا منتقل ڪئي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته برطانوي ايجنسي جي سهڪار سان گرفتار ڪيل شخص جي ملڪيت ضبط ٿي ته پوءِ هن انهن ملڪيتن جي واپسي لاءِ درخواست داخل ڪئي ۽ پوءِ آهستي آهستي ان شخص بابت ڄاڻ ملڻ شروع ٿي. ايف آءِ اي جي ذريعن موجب گرفتار ڪيل ان شخص (فرحان جوڻيجو) وٽان 2 ڪروڙ رپين جي ماليت جون ٻه قيمتي گاڏيون به هٿب  ڪيون ويون.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *