Tuesday , March 19 2024

ٽي ايل پي سربراهه  خادم رضوي سميت اهم اڳواڻن کي حراست ۾ ورتو ويو

لاهور(سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) پنجاب پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن گڏيل ڪارروائي ڪندي ٽي ايل پي جي سربراهه خادم حسين رضوي کي حراست ۾ وٺي اڻڄاتل هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي، وفاقي وزير فواد چوڌري تصديق ڪندي چيو آهي ته، خادم رضوي کي حفاظتي تحويل ۾ وٺي مهمان خاني منتقل ڪيو ويو آهي. جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات جو دير سان سماجي رابطن جي مختلف سائيٽس تي پيغام هلڻ شروع ٿيا ته، خادم رضوي کي سندس لاهور واري گهر مان گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ تي منتقل ڪيو ويو آهي، جيڪا خبر لڳل ڀڳ ٻن ڪلاڪن تائين ميڊيا تي نشر نه ٿي. جنهن  کانپوءِ لاهور جي مقامي ٽي وي چئنل سيون نيوز تي خبر نشر ٿي. خادم رضوي جي گرفتاري بابت مختلف افواهن کانپوءِ وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي ٽويٽر اڪائونٽ تي پيغام جاري ڪندي تصديق ڪئي. فواد چوڌري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته، خادم رضوي سان ڳالهيون هلندڙ هيون ته 25 نومبر تي سڄي ملڪ ۾ عام هڙتال جو ڏنل سڏ واپس ورتو وڃي پر هن انڪار ڪري ڇڏيو. وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته، خادم رضوي، مذهب جي نالي تي سياست ڪري ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ چاهي ٿو، انڪري کيس گرفتار نه پر حفاظتي تحويل ۾ وٺي مهمان خان ۾ رکيو ويو آهي. فواد چوڌري ٽويٽ پيغام ۾ ڇيو ته حڪومت عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪندي، عوام پرسڪون رهي ۽ ڪنهنجي به هڙتال يا ڪنهن ٻين ڳالهين ۾ نه اچي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *