Friday , March 29 2024

ٽارگيٽ ڪلنگ؟ ڪراچي ۾ مذهبي جماعت جو اڳواڻ قتل

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) ڪراچي ۾ اڻسڃاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ مذهبي جماعت جي اڳواڻ کي قتل ڪرڻ بعد ڀڄي ويا، وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب. ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ اڻسڃاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري مذهبي جماعت اهلسنت والجماعت ڪراچي جي اڳواڻ نديم قادري کي قتل ڪري ڇڏيو. جوابدار نديم قادري کي قتل ڪرڻ بعد فوري طور واقعي واري هنڌ تان ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ پوليس روايت برقرار رکندي واقعي واري هنڌ پهچڻ جي تڪڙ نه ڪندي لڳ ڀڳ 40 منٽن کانپوءِ واقعي واري هنڌ پهتي. مارجي ويل نديم قادري جو لاش سماجي تنظيم جي ايمولينس  ذريعي سول اسپتال پهچايو ويو. اطلاع ملڻ بعد اهلسنت والجماعت جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن سول اسپتال پهچي  ويا. واقعي جون خبرون ميڊيا تي هلڻ کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ پوليس ڊاڪٽر ڪليم امام به پنهنجي پنهنجي روايت برقرار رکندي واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *