Saturday , April 20 2024

ٽائون ڪاميٽي سنجهورو ۾ صفائي واري عملي طور سيدن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي: ف ليگ ايم پي وريام فقير جو انڪشاف

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) فنڪشنل ليگ جي ايم پي اي وريام فقير سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته، ٽائون ڪميٽي سنجهورو جي صفائي واري عملي ۾ سيدن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي، جنهن تي کيس تمام گهڻو ڏک آهي. سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ اپوزيشن جي صوبائي بجيٽ تي سخت تنقيد، مهتاب اڪبر راشدي چيوآهي ته وڏي وزير بجيٽ تقرير دوران ماضيءَ وارن منصوبن جا جيڪي ڪارناما ڳڻايا، اهي منصوبا اڃا مڪمل ئي نه ٿيا آهن، سنڌ اسيمبلي جي اڃا تائين سنڌي ۾ ويب سائيٽ نه ٺهي سگهي آهي، ايم پي اي خورشيد جوڻيجو  چيو ته بدترين لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاق کي منٿون ڪرڻ بدران سنڌ کي پنهنجي بجلي پاڻ پيدا ڪرڻ گهرجي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران خطاب ڪندي فنڪشنل ليگ جي ايم پي اي وريام فقير  الزام هڻندي چيو ته سنڌ ۾ حڪمرانن ڪرپشن جي انتها ڪري ڇڏي آهي، سنجهورو ميونسپالٽي ۾ صفائي ڪندڙ عملي ۾ سفارش تي سيد ڀرتي ڪيا ويا آهن.

سنڌ اسيمبلي جي  اجلاس ۾ اپوزيشن ميمبرن صوبائي بجيٽ کي رد ڪري ڇڏيو.مخالف ڌر جي ايم پي اي  مهتاب اڪبر راشدي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته وڏي وزير بجيٽ تقرير دوران ماضيءَ وارن منصوبن جا جيڪي ڪارناما ڳڻايا، اهي منصوبا اڃا مڪمل ئي نه ٿيا آهن،مٿان وري نين رٿائن جو اعلان ڪيو ويو آهي.هن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجو تعليمي نظام ڇڏي ڪري ڪيمبرج متعارف ڪرائڻ جو انوکو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت ۾ ٿيو.ان موقعي تي حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن سنڌ حڪومت جي ايندڙ بجيٽ تي بحث مباحثو جاري رکيو. مخالف ڌر جي ميمبر مهتاب اڪبر راشدي چيو ته وڏي وزير بجيٽ ۾ پنهنجا ڪارناما ڳڻايا آهن، جڏهن ته ماضي ۾ شروع ڪيل اسڪيمون مڪمل ٿي نه سگهيون آهن. افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته  سنڌ اسيمبلي جي اڃا تائين سنڌي ۾ ويب سائيٽ نه ٺهي سگهي آهي. پ پ ايم پي اي خورشيد جوڻيجو  چيو ته بدترين لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاق کي منٿون ڪرڻ بدران سنڌ کي پنهنجي بجلي پاڻ پيدا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته لوڊ شيڊنگ جي ڪري ٽيوب ويل به هلائي نٿا سگهون. مخالف ڌر جي ميمبر حسين شاهه شيرازي چيو ته سنڌ حڪومت جي بجيٽ سرڪار پاڻ هڙپ ڪري ورتي آهي،هن چيو ته پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ وڌيڪ ڪرپشن آهي.هن چيو ته سنڌ ۾ ڪٿي به ترقي نظر نه پئي اچي. ان موقعي تي سميتا افضل ،صابر قائمخاني ۽ ٻين بجيٽ بابت ٿيندڙ بحث ۾ حصو ورتو.بجيٽ تي بحث جاري هو ته اسپيڪر اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *