Friday , April 19 2024

ٽائون ميونسپل ايڊمنسٽريشنز ۾ ڪرپشن، سزائن اچڻ جو عمل شروع

سکر(رپورٽر سنڌسماءَچار) سکر جي احتساب عدالت ٽائون ميونسپل ايڊمنسٽريشن ٺل ۾ اربين رپين جي ڪرپشڻ ڪرڻ ان ۾ سهولتڪاري جي الزام هيٺ اڳوڻي ٽي ايم او ۽ نيشنل بئنڪ ٺل جي مئنيجر سميت 4 جوابدارن کي سزائون ۽ ڏنڊ جون سزائون ٻڌائي ڇڏيون آهن. سکر جي احتساب عدالت ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي اڳوڻي ٽي ايم او ٺل احمد خان ابڙو کي 14 سال قيد ۽ 33 ملين روپيا ڏنڊ، اڳوڻي نيشنل بئنڪ ٺل برانچ جي مئنيجر برڪت سرڪيءَ کي به پنج سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ، جڏهن ته جوابدار محمد علي نوناريءَ کي ڪرپشن ڪيس ثابت ٿيڻ تي35  لک رپيا ڏنڊ، ست سال قيد، جوابدار نصرالله کي به ست سال قيد، 42 لک رپيا ڏنڊ جي سزا  ٻڌائي آهي، ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي برڪت علي اُڄڻ کي باعزت بري ڪري ڇڏيو، ڄاڻايل جوابدارن خلاف تعلقي ميونسپل آفيس ٺل ۾ ڪرپشن ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي کين ڏنڊ ۽  قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *