Friday , March 29 2024

ٻيهر عدالت ۾ ڊيمز فنڊ بابت ڪابه ڳالهه نه ڪندس: چيف جسٽس ثاقب نثار

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته، هوُ هاڻي عدالت ۾ ڊيمز فنڊ بابت ڪا به ڳالهه نه ڪندو، ماڻهو سمجهن ٿا ته منهنجو ڊيمز سان رومانس فيصلن تي اثر انداز ٿي رهيو آهي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار هڪ ڪيس جي شنوائي دوران، نامياري وڪيل نعيم بخاري سان مڪالمو ڪندي چيو ته، اڄ کانپوءِ هُو عدالت ۾ ڪنهن حوالي سان ڊيمز فنڊ بابت ڪجهه به نه ڳالهائيندو، ڇو ته ماڻهو سمجهن ٿا ته منهنجو ڊيمن سان رومانس عدالتي فيصلن تي اثر انداز ٿين ٿا. چيف جسٽس ثاقب نثار اهڙو مڪالمو ان موقعي تي چيو، جڏهن نعيم بخاري هڪ روريو پٽيشن ۾ وڪيل جي تبديلي بابت؛ مزاح ۽ پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيف جسٽس کي چيو ته، هُو پنهنجا دليل في سيڪنڊ هڪ هزار رپين جي حساب سان ڊيمز فنڊ ۾ جمع ڪرائيندو. جنهن جي جواب ۾ چيف جسٽس چيو ته، ڪجهه ماڻهو منهنجي ڊيمن سان رومانس کي عدالتي فيصلن تي اثر انداز ٿيڻ سمجهن ٿا. چيف جسٽس چيو ته ڊيم ٺهي ويندو، عطا جمع ٿي رهيا آهن، هن وقت تائين جمع ٿيل پيسا ئي ڪافي آهن، انهن ۾ برڪت پوندي، انهن 8/10 ارب رپين مان ئي ڊيم ٺهي ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *