Thursday , March 28 2024

ٺاروشاهه مان هڪ ناري سميت پراسرار نموني گم ٿي ويل 3 ڄڻن جو ڏس پتو نه پيو، وارث پريشان

ٺارو شاهه ( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ٺاروشاهه مان پراسرار نموني گم ٿيل ٽن رهواسين جو ڪو به پتو پئجي نه سگهيوآهي، سندن مطالبو ڪيو آهي ته سندن پيارن جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي. وارڊ هڪ مان 45ورهين جو پورهيت سومر سولنگي مهيني کان گم آهي،  جڏهن ته وارڊ 2 مان گم ٿيل16 ورهين جي نينگر علي شان راجپوت جو ڳولا ڪرڻ جي باوجود ڪو به پتو پئجي نه سگهيو آهي. شهر جي  وارڊ 4 مان 16 مهينا اڳ پراسرار نموني گم ٿيل نوجوان ناري صائما کوکر اڃان تائين  گم آهي.

گم ٿيل ٽن رهواسين جي وارثن چيو آهي ته سندس جگر جا ٽڪرا ڪيتري ئي عرصي کان گم آهن.  هنن وڌيڪ چيو ته هو ٺاروشاهه ٿاڻي سميت چونڊيل نمائندن ۽ وڏيرن جي بنگلن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهن پر ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن مطالبو ڪيو ته سندن پيارن جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *