Wednesday , April 24 2024

وڪيل صاحب خان ڪناسرو ۽ سندس ٻن ڀائٽين جي قتل ڪيس، انصاف جي اميد ظاهر

سکر ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر ۾ وڪيل صاحب خان ڪناسرو ۽ سندس ٻن ڀائٽين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي، مقتول ڌر جي وڪيل پاران ايس ايس پي عبدالقيوم پتافي تي جوابدارن جي پٺڀرائي جا الزام، مقتول ڌر کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي استدعا، عدالت پاران آءِ جي سنڌ کي ايس ايس پي عبدالقيوم پتافي خلاف جاچ ڪرائڻ جو حڪم، جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪري سندن سڃاڻپ ڪارڊ ۽ بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جي به هدايت. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪناسرا برادري جي ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران مقتول ڌر جي وڪيل ايس ايس پي عبدالقيوم پتافي تي جوابدارن جي پٺڀرائي ڪرڻ جا الزام هڻندي مقتول ڌر کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي، عدالت جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪري سندن سڃاڻپ ڪارڊ ۽ بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ سکر ۾ سوڀو ديرو واسي وڪيل صاحب خان ڪناسرو ۽ سندس ٻن ڀائٽين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران مقتول ڌر جي وڪيل ايڊوڪيٽ صفدر ايس ايس پي عبدالقيوم پتافي تي جوابدارن جي پٺڀرائي ڪرڻ جا الزام هڻندي مقتول ڌر کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي استدعا ڪئي. مقتول ڌر جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سوڀو ديرو ۾ ڪجهه عرصو اڳ قتل ٿيل وڪيل صاحب خان ڪناسرو ۽ سندس ٻن ڀائٽين جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جو تعلق پتافي برادري سان آهي ۽ ايس ايس پي عبدالقيوم پتافي جوابدارن جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي.مقتول ڌر جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته پوليس ٽن ڄڻن جي قتل ۾ ملوث 67 جوابدارن مان رڳو 36 جوابدار گرفتار ڪيا آهن، جڏهن ته ٻيا جوابدار فرار آهن، جن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڪي به قدم نه پئي کڻي. عدالت لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته متاثر خاندان جي حفاظت لاءِ پوليس ڪمانڊوز مقرر ڪيا وڃن. ٻڌڻي دوران عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ آءِ جي سنڌ کي حڪم ڏنو ته اهڙن پوليس آفيسرز کي سندن علائقن ۾ مقرر نه ڪيو وڃي ۽ انهن آفيسرز بابت انڪوائري ڪئي وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽن ڄڻن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪري سندن سڃاڻپ ڪارڊ ۽ بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ايس ايس پي خيرپور کي ڪناسرا برادري کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 25 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ايڊيشنل سيشن جج جي والد ۽ ٻن سئوٽن جي قتل ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيا، مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *