Thursday , March 28 2024

وڏي وزير مراد علي شاهه جي جوڙيل جاچ ڪميٽي جي رپورٽ فرزانا جمالي کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو

نوابشاهه ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) فرزانا جمالي  ڪيس بابت صحت کاتي جي وزير عذرا پيچوهو جي بيان کانپوءِ؛ حڪومتي جاچ ڪميٽي به شاگردياڻي پاران هيسائڻ وارن الزامن کي رد ڪندي پروفيسر کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. نوابشاهه يونيورسٽي جي شاگردياڻي فرزانا جمالي پاران پروفيسر عامر خٽڪ تي جنسي طور هيسائڻ واري معاملي جي جاچ لاءِ سنڏ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي پنهنجي رپورٽ سنڌ حڪومت کي اماڻي ڇڏي آهي. ڪميٽي رپورٽ ۾، شاگردياڻي فرزانا جمالي سان مبينه جنسي هراسمينٽ واري ڪيس جي جوابدار استاد عامر خٽڪ کي ڪلين چٽ ڏيندي شاگردياڻي کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. متاثر شاگردياڻي فرزانا جمالي سنڌ حڪومت پاران جوڙيل ڪميٽي جي رپورٽ کي رد ڪندي چيو آهي ته، هُن اڳ ۾ ئي ڪميٽي تي بي اعتباري جو اظهار ڪيو هو ۽ عذرا پيچوهو جي بيان بعد هن جاچ ڪميٽي جي رپورٽ اچڻ کان اڳ ۾ ئي ان کي قبول نه ڪرڻ جو بيان ڏنو هو.

سنڌ حڪومت پاران چئن ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جي دعويٰ مطابق؛ ڌرين جي بيانن جي روشني ۾ فرزانا جمالي جا پروفيسر عامر خٽڪ تي لڳايل الزام غلط قرار ڏنا ويا آهن. سنڌ حڪومت جي چئن ميمبرز تي ٻڌل ڪميٽي پنهنجي روپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته، شهيد بينظير يونيورسٽي نوابشاهه جي شاگردن پروفيسر عامر خٽڪ جي سخت رويي  جي شڪايت ضرور ڪئي پر ڪجهه شاگردياڻين سندس حمايت به ڪئي. ڪميٽي جي رپورٽ ۾ فرزانا جمالي جا پروفيسر عامر خٽڪ تي لڳايل الزام غلط قرار ڏنا ويا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *