Thursday , March 28 2024

وقت تي چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون، ووٽرفهرستون به غير تڪراري هونديون:چيف اليڪشن ڪمشنر

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) سردار محمد رضا چيو آهي ته چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، چونڊن لاءِ اهڙيون شفاف چونڊ فهرستون تيار ڪرڻ چاهيون ٿا جو ڪابه سياسي پارٽي يا اُميداوار ان جي شفافيت تي آڱر کڻي نه سگهي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجو قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ وقت نادرا جي عملي سان سهڪار ڪندي پنهنجو صحيح پتو فراهم ڪن ته جيئن سندن ووٽ خواهش مطابق لاڳاپيل چونڊ فهرست ۾ داخل ڪري سگهي. چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس (ر) سردار محمد رضا نادرا ميگا سينٽر اسلام آباد ۾ ووٽ درج ڪرڻ واري نئين نظام جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي چيئرمين نادرا پڻ خطاب ڪيو.

تقريب ۾ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعقوب خان، اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا جي اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. اليڪشن ڪميشن چونڊ قانون 2017ع جي آرٽيڪل 25 تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت هاڻي شهري سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ وقت مستقل يا عارضي پتي تي ووٽ جي داخلا جي چونڊ ڪري سگهندا. هاڻي نادرا انهن ماڻهن جي معلومات اليڪشن ڪميشن کي فراهم ڪندي ته جيئن سندن ووٽ جي داخلا چونڊ پتي تي ڪري سگهجي. اليڪشن ڪمشنر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ اليڪشن ڪميشن لاءِ هڪ تاريخي ڏينهن آهي، هاڻي ماڻهن جي سهولت جي پيشِ نظر سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ وقت سندن راءِ ورتي ويندي ته جيئن هو پنهنجو ووٽ سڃاڻپ ڪارڊ جي مستقل يا عارضي پتي تي درج ڪرائي سگهن. هن نادرا طرفان فراهم ڪيل معاونت کي واکاڻيندي عوام کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجو قومي سُڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ وقت نادرا جي عملي سان سهڪار ڪندي پنهنجو صحيح پتو ڏين. صحافين چيف اليڪشن ڪمشنر کان سوال ڪيو ته اڃا تائين تڪ بندين جو معاملو حل نه ٿيو آهي، ڇا چونڊون وقت تي ٿيڻ ممڪن آهن، جنهن تي هن چيو ته اڃا 10 نومبر گذريو ناهي، منهنجي خيال ۾ چونڊون وقت تي ٿينديون، چونڊن ۾ مشڪلاتن بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نو ڪمينٽ.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *