Thursday , March 28 2024

وفاق پاران نئون انڪشاف..!! نئون اين ايف سي ايوارڊ ڏيڻ ۾ صوبا پاڻ رڪاوٽ آهن

Budget 17-18

وفاقي سرڪار نئين اين ايف سي کي صوبن پاران گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ فاٽا لاءِ ورڇ جوڳي پول ۾ خصوصي رقم رکڻ سان مشروط ڪري ڇڏيو. ناڻي واري وفاقي وزير صوبن کي نئين اين ايف سي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ قرار ڏنو آهي، قومي اسيمبلي ۾ نئين مالي سال 2017-2018ع جي بجيٽ جي منظوري جي موقعي تي بحث کي سهيڙيندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو ته نئين اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبا رڪاوٽ بڻيل آهن، صوبا وفاق سان گلگت، آزاد ڪشمير، فاٽا لاءِ 3 کان 4 سيڪڙو ۽ ورڇ جوڳي پول مان سيڪيورٽي فنڊ لاءِ 3 سيڪڙو رقم ڏيڻ تي راضي ٿيندا ته نئون اين ايف سي ايوارڊ ڏنو ويندو.

NFC 2

ناڻي واري وزير بجيٽ سهيڙڻ واري تقرير ۾ وڌيڪ چيو ته، اهو تاثر ڏنو ويو ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ دير ٿيڻ ڪري پيش ڪيل بجيٽ لاءِ آئيني ۽ قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون آهن، مان اهو واضح ڪندو هلان ته، هر 5 سالن بعد قومي مالياتي ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ ڪرڻ آئيني گهرج آهي. 1973ع جي آئين لاڳو ٿيڻ بعد 8 قومي مالياتي ڪميشن قائم ٿيون آهن، هن وقت نائين قومي مالياتي ڪميشن ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪجهه دوستن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ رڳو 5 سالن لاءِ ڪارآمد هوندو آهي ۽ اين ايف سي ايوارڊ جو تعلق بجيٽ سان ڳنڍيل آهي، هن چيو ته اهو تاثر آئيني ۽ قانوني طور درست نه آهي، هڪ اين ايف سي ايوارڊ ان وقت تائين لاڳو تصور ٿيندو آهي، جيستائين نئون اين ايف سي ايوارڊ جاري نه ٿئي، ملڪ ۾ هڪ اين ايف سي ايوارڊ 16 سال ۽ ٻيو 14 سال به پاڪستان ۾ لاڳو رهيو آهي، هن چيو ته موجوده حڪومت آئيني گهرجن کي نظر ۾ رکندي نائين اين ايف سي ايوارڊ ڪميشن 24 اپريل 2015ع تي قائم ڪئي. جنهن بعد 28 اپريل 2015ع تي ان جو پهريون اجلاس ٿيو.

اسحاق ڊار چيو اسچيو ته وفاقي حڪومت نئين اين ايف سي ايوارڊ جلد کان جلد ڏيڻ جي خواهشمند آهي، پر آزاد ڪشمير گلگت ۽ فاٽا لاءِ ورڇ جوڳي پول مان 3 کان 4 سيڪڙو ۽ قومي نيشنل سيڪيورٽي فنڊ لاءِ 3 سيڪڙو حصو گراس ورڇ جوڳي پول سان ڏيڻ لاءِ صوبائي حڪومتن پاران ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي وئي آهي، صوبن پاران ان لاءِ راضي نه ٿيڻ ئي نئين اين ايف سي ايوارڊ ڏيڻ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، ايوان کي يقين ڏياريان ٿو ته جيئن ئي صوبائي حڪومتون خصوصي علائقن ۽ سيڪيورٽي فنڊ لاءِ ورڇ جوڳي پول مان رقم رکڻ لاءِ وفاق سان اتفاق راءِ سان فيصلو ڪنديون ته نئين اين ايف سي ايوارڊ جو فيصلو به ٿي ويندو. ان کان اڳ  قومي اسيمبلي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مخالف ڌر جي عدم موجودگي ۽ بجيٽ خرچن ۾ مخالف ڌر جي ڪٽوتي جي رٿن پيش ڪرڻ بنا مالي سال 18-2017ع جي 47 کرب 53 ارب رپين جي بجيٽ منظور ڪري ڇڏي آهي، عدالتي فيصلي جي ابتڙ وفاقي ڪابينا جا اختيار انچارج وزيرن کي ڏيڻ جون ترميمون به منظور ڪيون ويون، اجورو 15000 مان وڌائي 15400 رپيا ڪرڻ، هر آبادگار کي 6 مهينن ۾ قرض جي حد 50 هزار مان وڌائي 75 هزار ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.

Ishaq Dar 11

اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيل قومي اسيمبلي جي اجلاس  جڏهن ناڻي واري وزير بجيٽ تي بحث کي سهيڙڻ لاءِ تقرير شروع ڪئي ته، مخالف ڌر جو اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ڳالهائڻ لاءِ سيٽ تي بيٺو، کيس تقرير جو موقعو ڏنو ويو، خورشيد جي تقرير بعد مخالف ڌر ۾ شامل پارٽيون پ پ، پي ٽي آءِ، جماعت اسلامي، (ق) ليگ، اي اين پي، ايم ڪيو ايم جا ميمبر واڪ آئوٽ ڪري هليا ويا، مخالف ڌر جي واڪ آئوٽ ڪري حڪومت کي بجيٽ منظور ڪرائڻ ۾ آساني ٿي وئي، اسپيڪر مخالف ڌر جي ميمبرن جي غير سبب سمورين وفاقي وزارتن ۽ ادارن جي خرچن لاءِ مطالبات زر بابت مخالف ڌر پاران جمع ڪرايل ڪٽوتي وارين رٿن کي خارج ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبلي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بنا ڪٽوتي جي رٿن پيش ڪرڻ جي قومي اسيمبلي حڪومت جون سال 18-2017ع دوران خرچن لاءِ 150 مطالبات زر جون رٿون منظور ڪرائي ورتيون.

قومي اسيمبلي 34 کرب 50 ارب 93 ڪروڙ ماليات جي 150 مطالبات زر جي منظوري ڏئي ڇڏي

قومي اسيمبلي 34 کرب 50 ارب 93 ڪروڙ ماليات جي 150 مطالبات زر جي منظوري ڏئي ڇڏي، دفاع وزارت لاءِ 928 ارب 58 ڪروڙ، گهرو وزارت لاءِ 107 ارب 2 ڪروڙ، هوابازي ڊويزن لاءِ 11 ارب 50 ڪروڙ، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن لاءِ 14 ارب 30 ڪرڙ، ڪابينا ڊويزن لاءِ 51 ارب 16 ڪروڙ، دفاعي پيداوار وزارت لاءِ 5 ارب 11 ڪروڙ جي خرچن جي منظوري ڏني وئي، جنهن بعد فنانس بل ۾ قانون جي وزير ترميمون پيش ڪيون.

حڪومت پاران پيش ڪيل ترميمن سان گڏ ڪالهه فنانس بل جي قومي اسيمبلي منظوري ڏئي ڇڏي، اهڙي ريت قومي اسيمبلي ايندڙ مالي سال 18-2017ع لاءِ 47 کرب 53 ارب رپين جي وفاقي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، منظور ڪيل بجيٽ 14 کرب ساڍا 79 ارب رپين جي خساري واري بجيٽ آهي، وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جو مطلب وفاقي ڪابينا آهي واري ڏنل فيصلي جي ابتڙ وفاقي ڪابينا بدران فيصلا ڪرڻ جو اختيار انچارج وزير کي ڏيڻ جون به فنانس بل ذريعي ترميمون منظور ڪرائي ورتيون. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ان موقعي تي تقرير ڪندي چيو ته ڪجهه سببن ڪري مخالف ڌر بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي پر سمورين پارٽين سينيٽ ۾ بجيٽ تي بحث ڪيو ۽ تجويزون اماڻيون، جنهن سان قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي بجيٽ ۾ حصو نه وٺڻ واري کوٽ گهڻي حد تائين گهٽجي وئي، هن چيو ته بنيادي ڍانچي ۾ سڌارن جو سفر آسان نه هو، اسان ٽن سالن ۾ سڌارن کي مڪمل ڪيو، هلندڙ سال اسان 5.3 سيڪڙو جي ڊي پي گروٿ حاصل ڪئي، ايندڙ سال لاءِ جي ڊي پي گروٿ جو 6 سيڪڙو هدف رکيو آهي، ان کانپوءِ ايندڙ سال هدف 7 سيڪڙو هوندو، ان سان بيروزگاري ۾ خاطر خواهه گهٽتائي ايندي، عام ماڻهن کي ترقي لاءِ هڪ جهڙا موقعا ملندا، في ماڻهو آمدني ۾ اضافو ٿيندو، هن چيو ته سينيٽ جي ايوان بجيٽ بابت 276 سفارشون موڪليون آهن، جن مان 147 سفارشون ترقياتي پروگرام بابت ڏنيون ويون آهن، رٿابندي ڪميشن ڏانهن غور لاءِ اماڻيون آهن، ان بعد رهيل 129 سفارشن مان سينيٽ جون 75 سفارشون ڪجهه جزوي ۽ ڪجهه مڪمل طور تي منظور ڪيون ويون آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *