Friday , March 29 2024

ن ليگ اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو نه وڌائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، آئين ۾ وفاق جي تشريح تبديل ڪرڻ تي به غور: اسحاق ڊار

Ishaq Dar

نواز ليگ جي يوفاقي سرڪار اهو طئه ڪري ڇڱڏيو آهي آهي ته نئون مالياتي ايوارڊ (اين ايف سي) جڏهن به آيو ته ان ۾ صوبن جو حصو ڪنهن به صورت ۾ نه وڌائيو ويندو، پوءِ ان لاءِ ڀلي وفاق ۽ وفاقي حڪومت جي تشريح لاءِ آئين ۾ ترميم ڇو نه ڪرڻي پوي. ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار خميس ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ان ڳالھ جو اعتراف ڪيو آهي ته، اين ايف سي ايواراڊ انڪري نه ڏنو ڇو ته ائين ڪرڻ سان صوبن کي وڌيڪ حصو ڏيڻو پوي ها، هڪ اين ايف سي ايوارڊ 16 ۽ ٻيو 13 سالن کانپوءِ ڏنو ويو ۽ ان کانسواءِ بجيٽ پيش ڪرڻ غير آئيني يا غيرقانوني نه آهي. وفاق جي موجوده تشريح ۾ حڪومتي مامرا نه ٿا هلي سگهن، ان لاءِ وفاقي حڪومت جي وصف بيان ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻي پوندي. ناڻي جي وزير اسحاق ڊار سينيٽ ۾ تقرير ڪندي اين ايف سي ايوارڊ کانسواءِ بجيٽ پيش ڪرڻ غيرقانوني ۽ غيرآئيني نه آهي، پاڪستان ۾ هڪ 13 سال ۽ ٻيو 16 سالن بعد اين ايف سي ايوارڊ ڏنو ويو. ايندڙ اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو وڌائڻ جي ڪا به گنجائش نه آهي. اسان جي حڪومت سميت ڪا به حڪومت اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو نٿي وڌائي سگهي، صوبن جو جيڪو حصو وڌڻو هو، اهو ستين مالياتي ايوارڊ ۾ وڌي ويو.

سينيٽ ۾ بجيٽ بحث کي سهيڙيندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته ڀرپور ڪوشش هوندي ته مالي سال 18-2017ع جي بجيٽ لاءِ سينيٽ جي سفارشن مان وڌ ۾ وڌ سفارشون تسليم ڪيون وڃن، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر کي بجيٽ تي ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه به نه هو، انهن اڃا تقريرون ئي شروع نه ڪيون آهن، قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ هفتي بجيٽ بحث کي سهيڙيندس، اسحاق ڊار چيو ته سينيٽ ۾ 57 ميمبرن بجيٽ تي تقريرون ڪري سفارشون ڏنيون آهن. انهن ميمبرن مان اڪثر ميمبرن اهو چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ کانسواءِ بجيٽ پيش نٿي ٿي سگهي ۽ اين ايف سي ايوارڊ کانسواءِ بجيٽ پيش ڪرڻ غيرقانوني ۽ غيرآئيني آهي. اسحاق ڊار چيو ته انهن ميمبرن کي ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو ته اها حقيقت نه آهي، حقيقت اها آهي ته اين ايف سي ايوارڊ ۽ بجيٽ جو پاڻ ۾ ڪو تعلق نه آهي، هن ملڪ ۾ 16 سال هڪ اين ايف سي ايوارڊ هليو، جيڪو 1975ع کان 1991ع تائين رهيو، ٽيون اين ايف سي ايوارڊ 13 سال هليو، 1997ع جو اين ايف سي ايوارڊ 2010ع تائين جاري رهيو آهي. ايوان کي ٻڌايان ٿو ته نئون اين ايف سي ايوارڊ دير جو شڪار ٿيل آهي، نئون اين ايف سي ٻن مامرن جي ڪري رڪيل آهي، صوبن کي به معلوم آهي ته ايترو حصو وٺي چڪا آهيون، جو هاڻي وفاق وٽ وڌيڪ حصو ڏيڻ جي گنجائش نه آهي. ڊار چيو ته وفاقي حڪومت ان حالت ۾ نه آهي جو صوبن کي وسيلن ۾ وڌيڪ حصو ڏئي سگهي، رڳو اسان جي حڪومت نه پر ڪا به حڪومت صوبن جي حصي ۾ واڌ نٿي ڪري سگهي، ٽيڪس وصوليون اسان ٻيڻيون ڪيون آهن، جن ٻن مامرن جي ڪري مالياتي ايوارڊ رڪيل آهي، ميمبر ان تي صوبن کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن.

NFC01fedral govt.

اسحاق ڊار چيو ته، هر سال 90 کان 100 ارب رپيا دهشتگردي خلاف جنگ تي خرچ ڪري رهيا آهيون، 4 سالن ۾ 400 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن، قومي سلامتي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ تجويز ڏني وئي ته دهشتگردي خلاف ويڙهه لاءِ ورڇ جوڳي پول مان 0.3 سيڪڙو حصو ڏنو وڃي، يعني 90 ارب رپيا سال ۾ ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي.

هن چيو گلگت جي وڏي وزير، فاٽا جي گورنر ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته ڇا اسان ملڪ جو حصو نه آهيون، توهان اسان کي اين ايف سي مان ڇو ڪڍيو آهي، ان لاءِ اسان گلگت، فاٽا ۽ آزاد ڪشمير لاءِ ورڇ جوڳي پول مان 3 سيڪڙو حصو ڏيڻ جي تجويز ڏني آهي، ان حوالي سان چئني وڏن وزيرن کي اجلاس ۾ دعوت ڏيندس ته اهي ويهي فيصلو ڪن.

سپريم ڪورٽ  پاران فيصلن جي منظوري ڪابينا مان وٺڻ بابت حڪم تي هن چيو ته وفاقي حڪومت جو مطلب وزيراعظم ۽ وزير آهن، ان  ۾ تبديلي پارليامينٽ ڪري سگهي ٿي، سپريم ڪورٽ تبديل نٿي ڪري سگهي، هن چيو ته هاڻي ڪجهه به ڪرڻو آهي ته ڪابينه کان منظوري وٺڻ سان مامرو اڳتي هلندو، ائين ته وفاقي حڪومت جو ڪم نه هلي سگهندو. منهنجي ناڻي ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ سينيٽ چيئرمين سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، انهن اتفاق ڪيو ته توازن قائم ڪرڻو پوندو، هن نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته سڀ فيصلا ڪابينا کان منظور ڪرائڻ واري وصف کي اسان کي پنهنجي هٿن سان تبديل ڪرڻو پوندو، نه ته حڪومت جا ڪم نه هلي سگهندا، مثال طور پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن بابت فيصلو ڪرڻو آهي، 31 تاريخ تي تفصيل ايندا آهن، جيڪڏهن وفاقي حڪومت رات ۾ فيصلو نه ڪري سگهندي، پيٽروليم قيمتن ڪري 130 ارب جون ٽيڪس وصوليون گهٽ آهن. سينيٽ چيئرمين سان طئي ڪيو آهي ته توهان ۽ قانون جو وزير ويهي وفاقي حڪومت جي تشريح بابت ترميمي بل تيار ڪيو، ان اتفاق ڪيو آهي ته ان کي ٺيڪ ڪرڻو پوندو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو مطلب  هر فيصلي جي وفاقي ڪابينا جي اجلاس مان منظوري وٺڻ آهي، هاڻي روز جا مامرا هلائڻا آهن ته اختيار انچارج وزير کي ڏيڻا پوندا، ترميم ڪرڻي پوندي، وفاقي حڪومت جي تشريح تبديل ڪرڻي پوندي، ايف بي آر جي هر قانون ۾ هر ٻئي پيج تي وفاقي حڪومت جو لفظ ملندو، قانونن ۾ 50 هزار هنڌن تي وفاقي حڪومت جو لفظ لکيل آهي، جيڪڏهن توهان حڪومت جو وهنوار هلائڻ چاهيو ٿا ته وفاقي حڪومت جي تشريح تبديل ڪرڻي پوندي.

ان سلسلي ۾ اسحاق ڊار وڌيڪ وضاحت پيش ڪندي چيو ته اسان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي باءِ پاس نه ڪري رهيا آهيون، ان لاءِ آئيني ترميم به ڪرڻي پوندي، هن چيو ته عالمي اختيارين 2002ع ۾ غربت بابت رپورٽ ڏني هئي ته 34.5 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارين ٿا، جڏهن ته هن وقت 29.2 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارين پيا، هن چيو ته بجلي پيداوار ۾ بهتري آئي آهي، ملڪ ۾ 10 کان 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ وارا ڏينهن هليا ويا آهن، 2018ع جي گرمين ۾  لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي، هن چيو ته ڪراچي لاءِ پيش ڪيل بجيٽ ۾ ڪي فور منصوبي لاءِ 9.55 ارب رپيا رکيا آهن، ٽيڪس ڏيندڙن جو تعداد 7 لک مان وڌي 12 لک 25 هزار ٿي ويو آهي پر اهو تعداد ڪافي نه آهي، 500 ارب رپين جا ٽيڪس لڳائڻ واري ڳالهه درست نه آهي، 120 ارب جا ٽيڪس لڳايا آهن.

ناڻي واري وزير چيو ته اڳ ۾ ملڪ اندر ظالماڻو ٽئڪس نظام لاڳو هو ۽ 250 ارب رپيا وصول ڪيا ويندا هئا، جنهن جي پٺيان هڪ وڏي مافيا هئي ان مافيا مونکي ڌمڪيون به ڏنيون. هن چيو ته اين ايف سي سميت ٻين مامرن تي سينيٽ ۾ جيڪي به تجويزون اينديون انهن مان مناسب ۽ عمل جهڙين تجويزن تي غور ويچار ڪنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *