Saturday , April 20 2024

وفاقي سرڪار آءِ جي سنڌ لاءِ موڪليل نالا رد ڪري ڇڏيا، سنڌ سرڪار جي خواهش رولي ۾ پئجي وئي

ڪراچي ( اصغر آزاد   سنڌ سماءَ چار) سنڌ حڪومت پاران آءِ جي سنڌ الهه ڏنو خواجا جي تبديل واري خواهش هڪ ڀيرو ٻيهر رولي ۾ پئجي وئي آهي، وفاقي سرڪار به آءِ جي کي تبديل ڪرڻ کان لاچاري ظاهر ڪري ڇڏي آهي. آءِ جي سنڌ کي تبديل ڪرڻ لاءِ سنڌ ڪابينا مان منظوري وٺڻ بعد 22 هين گريڊ جي 3 پوليس آفيسرز سردار عبدالمجيد دستي، غلام قادر ٿيٻو ۽ ڊاڪٽر ڪليم امام کي آءِ جي سنڌ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي هئي.

سنڌ سماءَ چار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب، وفاقي حڪومت سن ڌ سرڪار پاران موڪليل نالن تي غور ڪرڻ کانسواءِ ئي اي ڊي خواجا کي تبديل ڪرڻ واري معاملي وفاقي حڪومت جي معاملن جي نگراني ڪندڙ هڪ بااثر شخصيت کي پيغام موڪليو هو ته آءِ جي سنڌ کي تبديل ڪرڻ ۾ ڪجهه رڪاوٽُن آهن جن کي ڪليئر ڪرڻ کانسواءِ آءِ جي تبديل نه ٿو ڪري سگهجي. ذريعن جو چوڻ آهي ته، وفاقي سرڪار جي ان شخصيت سنڌ حڪومت جي اختيارين کي به پيغام ڏنو ته اُهي پنهنجي قيادت کي به ٻڌائين ته اي ڊي خواجه کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪجهه وقت ڏنو وڃي.

سنڌسماءَ چار کي مليل ڄاڻ مطابق وفاق آءِ جي جي تبديل واري سنڌ حڪومت جي خط کي ظاهري طور اهو سبب ڄاڻائي رد ڪيو ته، اي ڊي خواجا جي تبديلي لاءِ عدالت جو حڪم رڪاوٽ بڻيل آهي. سنڌسماءَ چار جي ذريعن اها به دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سردار وفاق پاران اهڙُ جواب ملڻ بعد کي شڪ ٿيو ته شايد آءِ جي سنڌ لاءِ موڪليل نالا يعني سردارعبدالمجيد دستي، غلام قادر ٿيٻو ۽ ڊاڪٽر ڪليم امام جي نالن سبب اي ڊي خواجا کي تبديل ڪرڻ ۾ وفاق پاران يا اي ڊي خواجا جي حمايتي ڌر اعتراض واريا هجن، انڪري سنڌ حڪومت وري نوان نالا تجويز ڪيا؛ جن ۾ سردار عبدالمجيد دستي کانسواءِ ٻه ٻيا نالا شامل ڪيا ويا، جن ۾ مهرخالق ۽ عارف نواز شامل آهن.

آءِ جي سنڌ جي تبديلي بابت سنڌسماءَچار جي ذريعن موجب، وفاقي حڪومت ٻيهر تجويز ڪيل نالن کانپوءِ وري سنڌ سرڪار ۽ پ پ جي اهم شخصيت کي واضع طور ساڳيو ئي پيغام اماڻيو آهي ته، في الحال آءِ جي سنڌ الهه ڏنو خواجا کي نه ٿو هٽائي سگهجي. ان لاءِ زور نه ڀريو وڃي. آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ واري معاملي کي وفاقي حڪومت سميت ڪجهه انتهائي اهم شخصيتون به مانيٽر ڪري رهيون آهن ۽ اُهي اي ڊي خواجا هٽائڻ واري فيصلي جي حق ۾ ناهن انڪري ڏيڍ کان ٻن مهينن تائين ان معاملي کي نه ڇيڙيو وڃي؛ ان کانپوءِ ان بابت سوچي سگهجي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *