Thursday , March 28 2024

وفاقي حڪومت پاران سعودي عرب کانپوءِ يو اَي اِي کان اُڌارو پيٽرول وٺڻ لاءِ عرضي ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پاڪستان پاران سعودي عرب کان اوڌر تي پيٽرول وٺڻ واري فيصلي کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته اهڙي ورضي گڏيل عرب امارتن / يو اَي اِي کي به ڏني ويندي، اُڌارو تيل وٺڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وفدن جون ايندڙ هفتي ڳالهيون ٿيندو. ميڊيا رپورٽس مطابق پاڪستان پاران ٽن مهينن لاءِ پيٽرول اُڌارو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي آهي، ان سلسلي ۾ حڪومت پاران يو اي اي / گڏيل عرب امارات جي حڪومت سان به رابطي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽس مطابق ان سلسلي ۾ گڏيل عرب امارات جي ممڪلتي وزير ۽ ابو ظهبي نيشنل آئل ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽر جنرل سلطان الجبير جي سربراهيءَ ۾ هڪ وفد ايندڙ هفتي پاڪستان ايندو. امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته وفد 19 آڪٽوبر تي هڪ ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچندو، ناڻي واري وزير ۽ پيٽروليم واري وزارت جون اختياريون يو اي اي جي وفد سان ڳالهيون ڪنديون ۽ اوڌر تي روزانو 2 لک بيرل تيل ڏيڻ لاءِ عرضي ڏني ويندي ۽ شرط طئه ڪيا ويندا. ذريعن گڏيل عرب امارات سان ڪافي عرصي کانپوءِ اهڙي نوعيت جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. گڏيل عرب امارتون چاهين ٿيون ته پاڪستان سان لاڳاپن کي اڳتي وڌايو وڃي ۽ ڳالهين ۾ بريڪ ٿرو جي اميد آهي. ان کان اڳ پهرين مرحلي ۾ وفاقي حڪومت پاران سعودي عرب کي عرضي ڏني وئي هئي ته پاڪستان کي ٽن مهينن تائين روزانو 2 لک بيرل تيل اوڌر تي ڏنو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *