Wednesday , April 24 2024

وفاقي حڪومت پاران احتساب جو نئون قانون آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) قانون جي وفاقي وزير بيريسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته ڪرپشن بابت نئون قانون آندو پيو وڃي،نئين قانون تحت ٽن ميمبرن تي ٻڌل ڪميشن قائم ڪئي ويندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قانون جي وزير چيو ته ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻ گهرون ٿا ۽ هر قسم جي ڪرپشن کي روڪڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪرپشن جي خلاف قانون لاءِ مختلف تجويزن تي غور ٿي رهيو آهي، صلاح مشوري بعد  تجويزن تي عمل ڪيو ويندو. قانون جي وزير چيو ته ڪرپشن بابت نئين قانون تي ڪم جاري آهي، جنهن کي جلد پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. سمورين سياسي پارٽين کي خوش دلي سان قانون کي قبول ڪرڻ گهرجي ۽ ان معاملي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ڪرپشن بابت معلومات ڏيندڙن کي ريڪوري جو 20 سيڪڙو حصو ڏنو ويندو. هن چيو ته وسل بلور ايڪٽ تيار ڪري ورتو آهي، جيڪو جلد پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *