Wednesday , April 24 2024

وفاقي حڪومت نين تڪبندين ڪرائڻ ۽ نئون چونڊ قانون جوڙڻ ۾ سنجيده ناهي، 2018جون چونڊون پراڻين تڪبندين تحت ڪرائڻ تي مجبور هونداسين:چيف اليڪشن ڪمشنر

CEC meeting

اسلام آباد: چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا چيو آهي ته 2018ع ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ حڪومت ڪنهن به صورت ۾ سنجيده نظر نه پئي اچي ته هو نئون چونڊ قانون منظور ڪرائي تڪ بنديون به مشڪل آهن، مجبور آهيون جو پراڻي تڪ بندين تي چونڊون ڪرايون، گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا جي سربراهي سال 2018ع ۾ چونڊون وقت سر ڪرائڻ ۽ نين تڪ بندين بابت اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ چئني صوبن جي اليڪشن ڪمشنرن ۽ سينيئر آفيسرن کان علاوه شماريات کاتي جي چيف آصف باجوه شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ شماريات کاتي جي چيف آصف باجوه ٻڌايو ته آدمشماري جو ڪم مڪمل ٿي ويو آهي ۽ هر ضلعي ۾ مليل انگ اکرن جي ڊيٽا انٽري جو ڪم جاري آهي، هن ٻڌايو ته اپريل 2018ع تائين قومي ۽ صوبائي اسيمبلي سطح جي آدمشماري جي حتمي رپورٽ شايع ڪرائي ۽ پوءِ اهو رڪارڊ اليڪشن ڪميشن حوالي ڪيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن کي ڊيٽا ڏيڻ ممڪن ناهي، جڏهن ته عبوري ڊيٽا جولاءِ 2017ع جي آخري هفتي ۾ ڏئي سگهون ٿا، جيڪا حتمي ۽ شايع ٿيل نه هوندي، ان موقعي تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته جيستائين اليڪشن ڪميشن کي فائنل ڊيٽا نه ڏني ويندي، ان وقت تائين اسان ڪنهن به پوزيشن ۾ نه هونداسين ته اسان نين تڪ بندين جو ڪم شروع ڪري سگهون. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته قانون اسان کي ڪنهن به عبوري ڊيٽا جي اجازت نٿو ڏئي. اهڙي صورتحال ۾ اسان مجبور آهيون ته عام چونڊون موجوده تڪ بندين تي ڪرايون. اليڪشن ڪمشنر چيو ته آئيني قانون موجب جيستائين آدمشماري جي ڊيٽا حتمي باقاعده سرڪاري طور تي شايع نه ٿي ڪئي وڃي، ان وقت تائين تڪ بندين جو ڪم شروع نه ڪري سگهجي. اها هڪ قانوني شق آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي ممڪن ڪونهي.

election commission

چيف اليڪشن ڪمشنر سردار محمد رضا وڌيڪ چيو ته ايندڙ عام چونڊن لاءِ تمام گهڻيون مشڪلاتون پيدا ڪيون ويون آهن، هڪ طرف نئون اليڪشن ايڪٽ 2017ع اڃا تائين فائنل نه ٿيو آهي ۽ ان سان گڏ آدمشماري ۽ تڪ بندين جي حوالي سان 2018ع تائين شماريات کاتي رپورٽ ملڻ مشڪل مسئلا پيدا ڪندي، حڪومت ڪنهن به صورت ۾ سنجيده نظر نه پئي اچي، هو نئين چونڊ قانون کيس جلد اڪلائي منظور ڪرائي ته جيئن اليڪشن ڪمشن کي چونڊون ڪرائڻ لاءِ تياريون ڪرائڻ لاءِ پورو موقعو ملي سگهي، هن چيو ته شماريات کاتي به ڊيٽا رپورٽ 2018ع ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪري، نين تڪ بندين جو معاملو رولڙي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اهڙي اعلان سبب اليڪشن ڪميشن ڪنهن به طرح ممڪن ناهي ته هو نين تڪ بندين جو ڪم شروع ڪري سگهي، هن چيو ته نين تڪ بندين لاءِ 7 مهينن جو وقت گهربل هوندو آهي، جيڪڏهن 2018ع ۾ آدمشماري جي ڊيٽا ملي ته پوءِ ڪنهن به طرح ممڪن ناهي، 2018ع جون چونڊون مقرر وقت جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ نين تڪ بندين سان ٿي سگهن، ان ڪري مجبورن اسان کي موجوده تڪ بندين تي عام چونڊون ڪرائڻيون پونديون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *