Saturday , April 20 2024

وفاقي حڪومت ننڍن صوبن جي ڳالهه نه پئي ٻڌي: خورشيد شاهه

اسلام آباد(رپورٽر  سنڌسماءَچار) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته، وفاقي سرڪار ننڍن صوبن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهي، جيڪڏهن اهڙي روش تبديل نه ٿي ته تباهي ايندي. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران خطاب ڪندي  خورشيد شاهه چيو ته، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڪهڙو ڪارڻ آهي جو وفاقي سرڪار ننڍن صوبن کي نظر انداز ڪري رهي آهي. صرف هڪ صوبي کي اهميت ڏيڻ جو ڇا مقصد آهي؟. جيڪڏهن اهڙي روش بند نه ڪئي وئي ته ان سان تباهي اچي سگهي ٿي. هن چيو ته، حڪومت ووٽ کي اهميت ڏيڻ جو نعرو هڻي يوٽرن ورتو ۽ مئنڊيٽ جو احترام نه ڪيو ويو ته معاملا تباهي طرف ويندا. اجلاس کي خطاب ڪندي اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه چيو ته بجيٽ ملڪ جي بهتري ۽ عوام لاءِ هوندي آهي، هي ڪا اهڙي شئي ناهي جو هر هنڌان قرض وٺي ڪم هلايو وڃي. هن چيو ته بجيٽ ۾ رڳو هڪ صوبي کي اهميت ڏئي ننڍن صوبن کي نظر انداز ڪرڻ سان معاملا خرابي ڏانهن ويندا. سندس چوڻ هو ته وفاقي سرڪار پاران هڪ سال جو بجيٽ پيش ڪرڻ هنن جو مينڊيٽ نه آهي، جيڪڏهن ٻين جي مينڊيٽ جو احترام نه ڪيو ويو ته ان جاءِ ۾ ڦاسي پونداسين جتان واپس نڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو. خورشد شاهه چيو ته بجيٽ ۾ اهڙو  ڪو پلان ناهي جو  آبادي جي سپر ائٽم بم کان ملڪ کي بچايو وڃي، خدا واسطي اهڙين شين کي سوچڻ گهرجي، حڪومت غير سياسي سوچ نه رکي. اپوزيشن ليڊر چيو ته پيپلزپارٽي وفاق کي مضبوط بڻائڻ چاهي ٿي جيڪڏهن وفاق صوبن جو احترام نه ڪيو ته حالتون تباهي ڏانهن وينديون. خورشيد شاهه چيو ته شروع کان چوان پيو ته پارليامينٽ کي مقدس سمجيهو وڃي ۽ تنقيد کي سنجيدگي سان ورتو وڃي پر نون ليگ هميشه ووٽ جي توهين ڪئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *