Friday , April 19 2024

وفاقي حڪومت نظر نه ٿي اچي، عدليه حڪومت تي اعتبار ڪري ٿي پر حڪومت جو عدالت تي اعتبار ناهي:جسٽس عظمت سعيد

اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌ سماءَ چار) عدليه جو حڪومت تي اعتبار آهي پر لڳي ٿو ته حڪومت عدليه تي اعتماد ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي، وفاقي سرڪار ڪٿي به نظر نه ٿي اچي، سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڇا غير قانوني اڏاوتون ۽ قبضا هٽائڻ لاءِ به ڪو معاهدو ڪرڻ جي ضرورت پوندي؟ سپريم ڪورٽ جي، جسٽس شيخ عظمت سعيد جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بيچ مارگلا هلز اسلام آباد ۾ وڻن جي واڍي ۽ غيرقانوني اڏاوتن بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران وزير ڪيڊ طارق فضل چوڌري عدالت ۾ پيش ٿيو. جسٽس عظمت سعيد پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته رياست جي رٽ وفاق ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم هوندي آهي پر پاڪستان ۾ وفاقي حڪومت ڪٿي به نظر نه پئي اچي، عدليه ته حڪومت مٿان اعتماد ڪري ٿي پر حڪومت شايد عدالت تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. جسٽس عظمت سعيد وڌيڪ چيو ته اسان ڪڏهن به چونڊيل اميدوار کي عدالت ۾ ناهي گهرايو، اسين ته چونڊيل ڪائونسلر جي به عزت ڪريون ٿا پر جيڪي عوامي نمائندا ۽ سرڪاري آفيسر ڪم نٿا ڪري سگهن، اهي استعيفيٰ ڏئي ڇڏين ۽ جنهن ڏينهن آئون به ڪم نه ڪري سگهيس ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس، هن چيو ته غيرقانوني پلازائن جي مالڪن جو

پتو لڳايو ته ڪارروائي نه ٿيڻ جا سبب سامهون اچي ويندا، ٻڌايو وڃي ته عدالتي حڪم باوجود غيرقانوني اڏاوتون ڇو ختم نه ڪيون ويون. جسٽس عظمت سعيد وزير ڪيڊ طارق فضل چوڌري کي چيو ته عدالتي حڪمن کي سبب بڻائي نه ڏسندا ڪريو، ججز ڏنڊو کڻي مارگلا پهاڙي خالي نٿا ڪرائي سگهن، قانون تي عمل ڪرائڻ اسان جو ڪم آهي، ناراض نه ٿيندا ڪريو، سياست کانسواءِ به حڪومت جون ڪيتريون ئي ذميواريون آهن، جيڪڏهن ناڪامي ٿي ته توهان مٿان تمام گهڻيون آڱريون کڄنديون ۽ ڪيترن ئي معاملن ۾ احتياط سان ڪم ڪريو، اميد آهي ته منهنجون چيل اهي ڳالهيون سمجهه ۾ اچي وينديون، بي احتياطي رياست جي صحت لاءِ بهتر ناهي.

ٻڌڻي دوران سي ڊي اي جي وڪيل منير پراچا عدالت کي ٻڌايو ته ڌرڻي سبب پوليس ميسر نه هئي، ان ڪري آپريشن نه ٿي سگهيو، اڏاوتون هٽائڻ ۾ شديد مزاحمت ٿيندي آهي، پوليس جي مدد کانسواءِ آپريشن نٿا ڪري سگهون. جنهن تي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته جتي پوليس گهربل هئي، اتي ان ڇا ڪيو، غيرقانوني اڏاوتون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن، جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته ڇا هاڻي غيرقانوني اڏاوتون هٽائڻ لاءِ به حڪومت ڪو معاهدو ڪندي، پوءِ آخر ۾ توهان اهو ئي چوندؤ ته فوج گهرايو، سي ڊي اي جي وڪيل چيو ته عدالت جي گذريل حڪم نامي ۾ معمولي غلطي هئي، جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته اسين ته هميشه غلط آرڊر پاس ڪندا آهيون، فرشتا صرف سي ڊي اي وارا آهن. ٻڌڻي دوران وفاقي وزير طارق فضل چوڌري اڏاوتون ختم ڪرائڻ لاءِ عدالت کان هڪ هفتي جي مهلت گهري ۽ چيو ته هڪ هفتي ۾ عدالت کي ايڪشن پلان پيش ڪندس، عدالت طارق فضل چوڌري جي استدعا منظور ڪندي ٻڌڻي 7 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *