Thursday , April 18 2024

وزير اعظم پاران جيڪب آباد لاءِ هڪ ارب رپيا ۽ 100 ٽرانسفارمر ڏيڻ جو اعلان، هاڻي سنڌ جا ماڻهو نعرن پٺيان نه لڳندا، ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي: نواز شريف

 PMNAwaza jacobabad

وزيراعظم نوازشريف جيڪب آباد ضلعي لاءِ هڪ ارب رپين جي ترقياتي پيڪيج ۽ 100 ٽرانسفارمرز ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته  پيپلزپارٽي کان پڇان ٿو ته توهان سنڌ جي ماڻهن کي ڇا ڏنو آهي، اڄ به سنڌ جا ماڻهو انتهائي غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن، هاڻي نعرن تي نه پر ڪارڪردگي تي ووٽ ملندا.

وزيراعظم نوازشريف جيڪب آباد ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته، دنيا تبديل ٿي وئي پر جيڪب آباد شهر اڄ به اهو ئي آهي جيڪو هڪ سئو سال اڳ هو، ڪراچي دنيا جي وڏن شهرن مان هڪ آهي پر اتي به ڌُوڙ اڏائي رهي آهي ۽ گند جي ڍيرن کانسواءِ ڪجهه نظر نه ٿو اچي.

وزير اعظم چيو ته هاڻي سنڌ جو ماڻهو نعرن تي نه پر ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ ڏيندو، ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ مان ن ليگ ڪاميابي ماڻيندي.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته، آءُ سنڌ حڪومت کان پڇان ٿو ته، توهان سنڌ جي ماڻهن جو ڪهڙو خيال رکيو آهي، سنڌ جا ماڻهو اڄ غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن.

جيڪب آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته 1991 ۾ به سنڌ جا ڳوٺ ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي هئا، شهرن ۾ به بدامني هئي، اسان ان وقت به سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ امن ڪرايو.

هن چيو ته 2013 ن ليگ جي حڪومت کان اڳ ۾ ڪراچي بدامني جي باهه ۾ سڙي رهي هئي ۽ نه ليگ ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرايو.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته هُو سنڌ جي عوام کي پيار ۽ محبت جي نظر سان ڏسي ٿو، جيڪب آباد جي عوام کي سلام پيش ڪيان ٿو جيڪي سخت گرمي به جلسي ۾ موجود آهيو.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته پارٽي اڳواڻ اسلم ابڙو ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پاران جيڪب آباد ضلعي لاءِ آيل ترقياتي فنڊز ڪرپشن جي ور چڙهي ويا آهن.

وزير اعظم جيڪب آباد ضلعي لاءِ پارٽي اڳواڻن جي مطالبي تي ضلعي ۾ ترقياتي منصوبا شروع ڪرڻ لاءِ هڪ ارب رپين جي ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪيو.

Aslam abro

وزير اعظم جيڪب آباد شهر سميت ضلعي سڄي ضلعي لاءِ هڪ سئو نوان بجلي جا ٽرانسفارمرز ڏيڻ، ڳوٺن کي نوان بجلي جا ڪنيڪشنز گئس ڏيڻ جو به اعلان ڪيو.

هن ن ليگ سنڌ جي قيادت کي مخاطب ٿيندي چيو ته بجلي جا 100 نوان ٽرانسفارمرز اوهان کي جلد ملي وينيدا.

وزير اعظم جيڪب آباد ۾ عورتن کي هنري تعليم ڏيڻ لاءِ هڪ جديد ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر به قائم ڪرڻ جو اعلان ڪندي، چيو ته جلد جيڪب آباد جي ضلعي جي ضرورتمند ماڻهن کي صحت ڪارڊ اسڪيم شروع ڪرڻ جو به اعلان ڪندي چيو ته، ايندڙ هفتي ٽيم سروي ڪري جلد صحت ڪارڊ جاري ڪيا ويندا.

جلسي کي خطاب ڪرڻ دوران ن ليگ سنڌ جي اڳواڻ اسلم ابڙو جي درخواست تي وزير اعظم ڪينسر ۾ مبتلا  نوجوان پرويز جو ذاتي خرچ تي علاج ڪرائڻ جو به اعلان ڪيو………

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *