Friday , March 29 2024

وزيراعظم ۽ وڏن وزيرن پاران عدالتي ڪميشن نه ٺاهڻ تي پابندي لڳي وئي

لاهور(سنڌسماءَچار     مانيٽرنگ ڊيسڪ) چيف جسٽس ثاقب نثار وزيراعظم ۽ وڏن وزيرن پاران ڪنهن به معاملي جي عدالتي يا ڪا ٻي ڪميشن جوڙڻ تي پابندي لڳائيندي چيو آهي ته، ڪنهن ڪيس يا ٻئي معاملي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي ڪيسن کي روليو وڃي ٿو. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ زينب ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ ڪئي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته؛ وزيراعظم يا ڪنهن به صوبي جو وڏو وزير ڪنهن به معاملي يا ڪنهن ٻئي ڪيس جي جاچ عدالتي ڪميشن جوڙي ڇڏيندو آهي. عدالتي ڪميشن جوڙي جاچ ڪرڻ سان معاملو/ڪيس رولڙي جي ور چڙهي وڃي ٿو. چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ميان ثاقب نثار ۽ وڏن وزيرن پاران ڪا به عدالتي ڪميشن يا ڪا ٻي ڪميشن جوڙڻ تي پابندي مڙهڻ جو حڪم جاري ڪيو. چيف جسٽس چيو ته اڳتي ڪابه عدالتي ڪميشن قائم نه ٿيندي، ڪنهن به ڪيس يا ٻئي معاملي جي حل ۽ انصاف مهيا ڪرڻ لاءِ ان جي جاچ ئي اصل ۽ بهترين طريقو آهي. چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو ته ڪميشن جوڙڻ سان معاملو رولڙي جي ور چڙهي ويندو آهي، جنهن سان متاثر ڌر کي گهڻو ڪجهه ڀوڳڻو پوندو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *