Friday , April 19 2024

وزيراعظم ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي سائودرن گئس ڪمپني ۾ تڪرار نبيري ڇڏيو، لوڊ شيڊنگ گهٽجڻ جي اميد

ڪراچي( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم شاهد خاقان جي مداخلت سان ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جي بحران وارو مسئلو حل ٿي ويو  آهي، ڪي اليڪٽرڪ ۽ سئي سدرن وچ ۾ گئس جي فراهمي بابت معاهدي کانپوءِ، ڪي اليڪٽرڪ کي اضافي گئس جي فراهمي شروع ٿي وئي آهي،وزيراعظم چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ کي گهربل گئس فراهم ڪئي ويندي، هاڻي ڪراچي ۾ بجلي به هوندي ۽ پاڻي به ايندو. گورنر هائوس ڪراچي ۾ توانائي بابت ڪابيناڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾  وڏي وزير مراد علي شاهه ، گورنر محمد زبير، توانائي واري وزير اويس لغاري، سوئي سدرن گئس ڪمپني ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي عملدارن  شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي مداخلت سان ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جي بحران وارو مسئلو حل ٿي ويو  جنهن دوران، ڪي اليڪٽرڪ ۽ سئي سدرن وچ ۾ گئس جي فراهمي بابت معاهد ٿيو، جنهن  کانپوءِ، ڪي اليڪٽرڪ کي اضافي گئس جي فراهمي به شروع ٿي وئي آهي.

توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ رهتن وارو معاملو حل ڪرڻ جي ذميواري وزير اعظم جي صلاحڪار مفتاح اسماعيل حوالي ڪئي وئي. اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي، وزيراعظم چيو ته،ڪي اليڪٽرڪ کي گهربل گئس فراهم ڪئي ويندي، هاڻ ڪراچي ۾ بجلي به هوندي ۽ پاڻي به ايندو. وزيراعظم چيو ته بجلي جي بلز جي سئو سيڪڙو اوڳاڙي ٿيندي ته لوڊشيڊنگ به سئو  سيڪڙو ختم ٿي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته هو پوليٽيڪل انجنيئر ناهي اهڙو سوال پوليٽيڪل انجنيئرز کان ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *