Friday , April 19 2024

وزيراعظم پاران سڄي ملڪ کي مفلوج ڪندڙن سان ڳالهين جو فيصلو، ڪميٽي قائم

اسلام آباد(سنڌسماءَچار نيوز) وزيراعظم عمران خان پاران ٽن ڏينهن کان سڄي ملڪ کي مفلوج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري ڌرڻا ختم ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم ڪميٽي جوڙي ڌرڻي وارن سان ڳالهيون ڪرڻ جون هدايتون ڏئي پاڻ وفد سان گڏ 5 ڏينهن جي دوري تي چين پهچي ويو آهي. وفاقي حڪومت پاران ملڪ ۾ جاري احتجاج کي ختم ڪرائڻ لاءِ طاقت استعمال ڪرڻ بدران ڳالهيون ڪري معاملو حل ڪرڻ جو فيصلو، وزيراعظم پاران ڌرڻا ختم ڪرائڻ لاءِ ڪميٽي قائم، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، مملڪتي وزير شهريار آفريدي، فواد چوڌري، نورالحق قادري ڪميٽي ۾ شامل، ڪميٽي جي نگراني وزيراعظم عمران خان پاڻ ڪندو، پرويز خٽڪ جي اپوزيشن ليڊر شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وفاقي حڪومت پاران سموري ملڪ مان مظاهرا ختم ڪرائڻ لاءِ ڳالهين ڪرڻ جو فيصلو  ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان وزير اعظم عمران خان پاران مظاهرين سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي قائم  ڪري ڇڏي آهي. ڪميٽي ۾ وفاقي وزيرن شاهه محمود قريشي، شهريار آفريدي، فواد چوڌري ۽ نورالحق قادري شامل  کي شامل ڪيو ويو آهي. مظاهرين سان ڳالهين لاءِ  جوڙيل ڪميٽي جي نگراني وزير اعظم پاڻ ڪندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *