Thursday , March 28 2024

وزيراعظم عمران خان پاران پي ايم هائوس ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) نئين چونڊيل وزيراعظم عمران خان نيازي پاران 1100 ايڪڙن تي مشتمل وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي ۾ تبديل ڪرڻ، لگزري گاڏيون نيلام،پاڻ منسٽرس ڪالوني ۾ رهڻ ۽ چئني صوبن جي گورنرز جي گورنر هائوسز ۾ رهائش اختيار نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته، سڄي ملڪ ۾ مڪاني ادارن جون نئون نظام آڻي ضلعي ناظمن جي سڌي ووٽ ذريعي چونڊ وارو نظام لاڳو ڪيو ويندو. عمران خان وزيرعاظم ٿيڻ کانپوءِ پهرين خطاب ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي رقم پاڪستاني بئنڪس ۾ رکڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي. عمران خان پنهنجي خطاب ۾ چيو آهي ته، ملڪ جو اڪثريتي عوام ٻن ويلن جي ماني کائڻ لاءِ پريشان آهي، ملڪ جو هر ٻيو ٻار خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي پر اڄ تائين وزيراعظم، گورنز، وڏا وزير ۽ بيوروڪريسي شاهي زندگي گذاري رهيا آهن. مان پنهنجي ئي گهر ۾ رهڻ پي چاهيو پر سيڪيورٽي جا ڪارڻ ٻڌايا ويا. هن چيو ته سيڪيورٽي ڪارڻن باوجود وزيراعظم هائوس ۾ رهڻ بدران، منسٽرس ڪالوني ۾ 3 ڪمرن واري گهر ۾ سادگي سان رهندس، صرف 2 سرڪاري گاڏيون استعمال ڪندس.

وزيرقاعظم پنهنجي تقرير جي شروعات پي ٽي آءِ جيشروعاتي ڪارڪنن سلوني بخاري ۽ احسن رشيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته، اهي ٻئي هن دنيا ۾ ناهن رهيا، سندن وڇوڙي تي مان اڄ به اداس ٿي ويندو آهيان، سند ساٿ جو ئي ثمر آهي جو اڄ هن منزل تي پهتو آهيان، شروعاتي ڏينهن جي تڪليفن جا اهي ساٿي نه هجن ها ته مان منزل تي نه پهچي سگهان ها. وزيراعظم جو چوڻ هو ته مان سياعمران خان پاڪستان کي مديني جي رياست وانگر فلاحي رياست بڻائي ان طرز تي هلائڻ جي عزم جو کي ورجايو. هن هن چيو ته قائداعظم هڪ مشن طور سياست شروع ڪئي هئي ۽ مان پاڪستان کي علاما اقبال جي خواب موجب ٺاهڻ لاءِ سياست جي شروعات، ملڪ کي موجود چئلينجن تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ايتريون ڏکيون حالتون نه هيون جيڪي هن وقت آهن.

وزيراعظم هائوس جو هڪ اندريون ڏيک

ملڪ هن وقت 28 هزار ارب رپين جو قرض ٿي ويو آهي، 10 سال اڳ پاڪستان جو قرض 6 هزار ارب رپيا هو، جيڪو 2013ع ۾ وڌي 15 هزار ارب ۽ هاڻ اهو 28 هزار ارب رپيا ٿي چڪو آهي، هڪ پاسي قوم قرضي آهي ته ٻئي پاسي حڪمران ملڪ ۾ ائين رهندا آهن. عمران خان چيو ته، موسمياتي تبديلي جو مسئلو سنگين آهي، پاڪستان دنيا ۾ ان جو متاثر ٿيندڙ ستون ملڪ آهي. پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڌار وزارت قائم ڪري هارين ۽ آبادگارن جا مسئلا حل ڪنداسين، انهن جي آمدني وڌائڻ لاءِ به منصوبا شروع ڪيا ويندا. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته، اڄ بدقسمتي سان پاڪستان انهن 5 ملڪن ۾ شامل آهي، جتي ٻار خراب پاڻي پيئڻ سبب مرندا آهن، پاڪستان جي 45 سيڪڙو ٻارن کي صحيح خوراڪ نه پئي ملي، جنهن سبب ٻارن جي ذهني واڌ ويجهه ناهي ٿيندي. هن چيو ته، سوا ٻه ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهي. آبادي وڌي رهي آهي ۽ جيڪڏهن تعليم نه ڏني وئي ته انهن ٻارن جو ڇا ٿيندو؟.

وزيراعظم مديني جي رياست جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڻ سڳورن سڀ کان پهريان قانون جي بالادستي قائم ڪئي، پاڻ سڳورن چيو ته قانون سامهون سڀ انسان برابر آهن، انهن زڪوات جو نظام قائم ڪيو، ان کي پروگريسيوٽيڪسيشن چوندا آهن. اڄ اولهه ان تي عمل ڪري رهيو آهي، سوئيڊن، ناروي سميت ٻين ملڪن ۾ اهڙو ئي نظام قائم آهي.هن چيو ته مديني جي رياست ۾ صادق ۽ امين هجڻ ضروري هو ۽ اڄ اها ڳالهه اولهه ۾ آهي.

هن چيو ته ڊاڪٽر عشرت حسين جي سربراهي ۾ هڪ ٽاسڪ فورس ٺهندي، جيڪا طئي ڪندي ته اسان ڪيئن پنهنجا خرچ گهٽ ڪيون ته جيئن انهن پئسن مان اسان ٻيا ڪم ڪري سگهون. سندس چوڻ هو ته مان پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ چاهيان ٿو، منهنجي سياست جو مقصد ملڪ جي بهتري آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *