Wednesday , April 24 2024

وزيراعظم عمران خان هٽلر آهي: خورشيد شاهه

سکر( رپورٽر سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ايم اين اي سيد خورشيد شاهه، وزيراعظم عمران خان کي هٽلر قرار ڏيندي چيو آهي ته، وزيراعظم عمران خان پنهنجي بيان مان ثابت ڪيو ته هو واقعي به هٽلر آهي، هٽلر هڪ آمر هو ۽ سمورا آمر سدائين ناڪام ٿيا آهن، عمران خان پنهنجي يو ٽرنس جو دفاع ڪري ناڪاميون لڪائڻ چاهي ٿو. سکر ۾ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي ، رهائش گاهه تي پ پ اڳواڻن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ خورشيد شاهه، قائم علي شاهه، ناصر شاهه ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ پيپلزپارٽي پاران 30 نومبر تي سکر يوم تاسيس جي رٿيل جلسي جي تيارين جو جائزو ورتو ويو، ۽ جلسي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو . ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي بيان مان ثابت ڪيو ته هو واقعي به هٽلر آهي، هٽلر هڪ آمر هو ۽ سمورا آمر سدائين ناڪام ٿيا آهن.  خورشيد شاهه چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي يو ٽرنس جو دفاع ڪري ناڪاميون لڪائڻ چاهي ٿو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *