Wednesday , April 24 2024

وزيراعظم حوالا، هنڊي ۽ اسمگلنگ خلاف قانون ۾ سڌارن بابت ڪميٽي جوڙي ڇڏي

اسلام آباد( سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) وفاقي سرڪار حواله هنڊي ذريعي رقمن جي منتقلي ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ موجوده قانون ۾ ترميم لاءِ اٽارني جنرل جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اسمگلنگ ۽ حواله هنڊي کي روڪڻ بابت اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر، گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير شهريار آفريدي، ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري ڪامرس ۽ ايف بي آر جي عملدارن اسمگلنگ ۽ حواله هنڊي ذريعي رقم جي غيرقانوني منتقلي سان ملڪي ناڻي کي ٿيندڙ نقصان بابت وزيراعظم کي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ حواله هنڊي ذريعي رقمن جي منتقلي ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ موجوده قانون ۾ ترميم لاءِ اٽارني جنرل جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي. ڪميٽي ۾ ڪسٽم، اسٽيٽ بينڪ، ايف بي آر ۽ ايف آءِ اي جا نمائندا به شامل هوندا، جڏهن ته ڪميٽي هڪ هفتي اندر پنهنجون سفارشون وزيراعظم ڏانهن اماڻيندي وزيراعظم عمران خان پاڪستاني شهرين کي هنڊي بدران بئنڪ ذريعي رقم اماڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته لاڳاپيل ادارا مني لانڊرنگ جي خاتمي لاءِ ڪردار ڪن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *