Tuesday , April 23 2024

وزيراعظم بنا جهنڊي واري گاڏي جي جڊيشل ڪميشن پهتو، جي آءِ ٽي جو نوازشريف کان 3 ڪلاڪن تائن پڇاڻو

Nawaz Sharif PM 1

پاڪستان جو وزيراعظم ميان نواز شريف لنڊن فليٽس، حديبيه پيپر ملز، چوڌري شگر ملز سميت مختلف ڪيسز جي الزامن هيٺ، ٽن گاڏين جي قافلي ۾ بنا ڪنهن پروٽوڪول پر بنا جهنڊي واري گاڏي ۾ چڙهي، سپريم ڪورٽ پاران جوڙيل گڏيل جاچ ٽيم ( جي آءِ ٽي) آڏو پيش ٿيڻ لاءِ وفاقي جڊيشل اڪيڊمي پهتو، جتي جاچ ٽيم آڏو اڪيلي سر وڃي پيش ٿيو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته نواز شريف لڳ ڀڳ 22 منٽ جي آءِ ٽي جي ميمبرن آڏو پيش ٿيڻ لاءِ انتظار گاھ ۾ انتظار ڪيو جنهن بعد کيس گهرايو ويو. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته نواز شريف جي اچڻ وقت جي آءِ ٽي جو ڪو به ميمبر اٿي نه بيٺو صرف روايتي سلام دعا ڪئي.

گڏيل جاچ ٽيم جو وزيراعظم نواز شريف کان ٽن ڪلاڪن تائين پڇاڻو ڪيو. ٽيم لنڊن فليٽ جي خريداري، سعودي ۽ دبئـي ڪارخانن جو وڪرو، پئسن جي منتقلي، حديبه پيپر ملز سميت جاچ ٽيم جا سخت سوال ڪيا ويا، وزيراعظم چيو آهي ته منهنجي جنم کان شروع ٿيل بي رحم احتساب جو عمل ايندڙ نسلن تائين جاري آهي، جلدي عوام جي عدالت ۽ جي آئي ٽي لڳندي، انهي ۾ سڀني کي پيش ٿيڻو پوندو، هاڻ پردن پويان ڪجھه نه لڪي سگهندو،مون وٽ چوڻ جي لاءِ گھڻو ڪجهھ آهي، ڪالهه جوائنٽ انوسٽيگشن ٽيم وزيراعظم ميان نواز شريف کي طلب ڪيو هو.

وزيراعظم سان ساڻس سندس ڀاءُ پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف، پٽ حسين نواز، ڀائٽيو حمزا شهباز شريف، نواز ليگ جو ترجمان آصف ڪرماڻي گڏ آيا، جيڪي کيس جڊيشل اڪيڊمي جي جاچ واري ڪمري جي دروازي تي ڇڏي موٽي آيا. نواز شريف ڪالهه 11 لڳي ڏهن منٽن تي جي آءِ ٽي هيڊڪوارٽر پهتو، جتي کائنس ٽي ڪلاڪن تائين ڇهه رڪني جاچ ٽيم پڇاڻو ڪندي رهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته جي آءِ ٽي وزيراعظم نواز شريف کان 11 سوال ڪيا، جي آءِ ٽي وزيراعظم کان پڇيو ته گلف اسٽيل ملز ڪيئن قائم ڪئي وئي، گلف اسٽيل مل وڪرو ڪيئن ٿي، ان کي وڪرو ڪرڻ جو سبب ڪهڙو هو، گلف اسٽيل ڏانهن رهيل قرض جو ڇا ٿيو، گلف اسٽيل جو پئسو جده، قطر ۽ برطانيا ڪيئن پهتو، وزيراعظم کان جي آءِ ٽي ميمبرن پڇيو ته هل ميٽل ڪمپني ڪيئن وجود ۾ آئي، حسن ۽ حسين نواز وٽ فليٽ خريد ڪرڻ جا وسيلا ڪٿان آيا، نيلسن ۽ نيسڪول جو حقيقي مال ڪير آهي؟ حسين نواز وٽ فليگ شپ ڪمپني ۽ لنڊن ۾ ڪاروبار لاءِ پئسو ڪٿان آيو؟ حسين نواز اوهان کي ڪروڙين رپين جا تحفا ڪيئن ڏنا؟ قوم سان خطاب ۽ اسيمبلين ۾ اوهان جي تقرير جي بيانن ۾ تضاد جو سبب ڪهڙو آهي؟ ذريعن ٻڌايو آهي ته جاچ ٽيم طرفان پڇيل سوالن ۾ اهو هو ته لنڊن فليٽن جي حوالي سان مختلف موقف ۽ خاندان جي ماڻهن جي پوزيشن آهي، اوهان پنهنجي پوزيشن ڪلئير ڪريو. گلف اسٽيل ملز ڪئين وڪرو ٿي انهي جي قيمت ڪئين منتقل ٿي آهي،لنڊن جي جائيداد خريد ڪرڻ جي لاءِ فنڊن ڪٿان آيا؟ اوهان جي ٻارن جي ڪاروبار ۾ وزيراعظم جو ڪهڙو ڪردار آهي؟ حدبيه پيپرز ملز جي قيام ۾ وزيراعظم جو ڪهڙو ڪردار آهي؟حديبه پيپر ملز ۽ ذاتي ڪاروبار مان توهان ڪڏهن الڳ ٿيا، انهي جو دستاويزي ثبوت ڪهڙو آهي؟. پارليامينٽ ۾ ڪارخانن جي وڪري ۽ لنڊن فليٽ جي حوالي سان ڏنل بيان بابت اوهان جي حتمي راءِ ڪهڙي آهي؟ ٽن ڪلاڪن جي پڇاڻي دوران جي آءِ ٽي ڪجھ ڪراس ڪئسچينز به ڪيا.

جي آءِ ٽي ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ بعد نواز شريف جڊيشل اڪيڊمي کان ٻاهر تائين پنڌ نڪري آيو، جتي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  آئون هاڻ جي آءِ ٽي جي سامهون پنهنجو موقف پيش ڪري آيو آهيان، اسان جي سمورن اثاثن ۽ ملڪيتن جا تفصيل سپريم ڪورٽ سميت سمورن ادارن وٽ موجود آهن،مون اڄ وري اهي سڀ دستاويز جي آءِ ٽي کي ڏنا آهن، هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته آئين ۽ قانون جي سربلندي جي لاءِ اڄوڪو ڏينهن اهم آهي، منهنجي حڪومت ۽ سموري خاندان پاڻ کي احتساب جي لاءِ پيش ڪري ڇڏيو آهي،هن چيو ته اوهان کي ياد هوندو ته سوا سال پهرين پاناما ليڪس جو معاملو سامهون ايندي مون ڪميشن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. جيڪڏهن منهنجي آڇ کي سياسي تماشي جي نظر نه ڪيو وڃي ها ته هي معاملو اڄ تائين حل ٿي وڃي ها. هن چيو ته مون ته هڪ هڪ پائي جو حساب ڏنو آهي، اسان جي احتساب جو عمل منهنجي پيدائش کان اڳ شروع ٿي ايندڙ نسلن تائين ٿي رهيو آهي، هن چيو ته مون کي ٻڌايو اهڙو ڪو خاندان آهي جنهن جو اهڙو بي رحم احتساب ٿيو هجي، پي پي جي هر دور ۾ اسان جي خاندان جو احتساب ٿيو هو. وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته، 1972ع م پهريون احتساب ٿيو هو، انهي جي ڊگهي ڪهاڻي آهي، هن چيو ته پرويز مشرف جي آمريت ۾ بي دردي سان اسان جو احتساب ڪيو ويو، ايستائين جو اسان جي گھرن تي قبضو ڪيو ويو، جيڪڏهن انهن الزامن ۾ ڪا صداقت هجي ها ته مشرف کي هائيجيڪنگ جي ڪوڙي ڪيس جو سهارو نه وٺڻو پوي ها. نواز شريف چيو ته اڄ اسان جي حڪومت آهي، عوام ٽيون ڀيرو مون کي وزارت اعظمي جي ڪرسي تي ويهاريو آهي، اسان پنهنجي حڪومت ۾ پاڻ کي احتساب جي لاءِ پيش ڪيو آهي.

JIT PM security 1

هن چيو ته مخالف جيترو وڻي الزام هڻن، جيترا جتن ۽ سازشون ڪن اهي ناڪام ۽ نامراد رهندا، هن چيو ته آئون پنجاب جو وزيراعلي رهيو آهيان، ٽي ڀيرا وزيراعظم رهيو آهيان، کربين رپين جا منصوبا منهنجي دور ۾ آيا آهن، پاڪستان ۾ هن دور ۾ ايتري سيڙپ ٿي آهي، جيتري ڪڏهن تاريخ ۾ نه ٿي آهي پر مون تي ڪميشن يا ڪڪ بيڪ جو ڪو الزام مخالف نه هڻي سگهيا آهن، هن چيو ته هي جيڪو ڪجهھ ٿي رهيو آهي انهي جو سرڪاري خزاني ۾ هيراڦيري يا ڪرپشن جو پري پري سان ڪو واسطو ڪونهي، مون تي ڪرپشن جو ڪو الزام ناهي، هتي اسان جي خاندان جي نجي ۽ ذاتي ڪاروباري معاملن کي الجهايو پيو وڃي، انهي سان سرڪاري خزاني سان ڪا ڏيتي ليتي يا واسطو ڪونهي.

وزيراعظم چيو ته ڪجهھ ڏينهن اندر جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جو فيصلو به اچي ويندو، هن چيو ته اسان کي ياد رکڻ گھرجي ته هڪ وڏي جي آءِ ٽي ۽ وڏي عدالت به لڳڻي آهي، ويهه ڪروڙ عوام جي جي آئي ٽي ۽ عدالت آڏو به اسان کي پيش ٿيڻو آهي، هڪ وڏي عدالت الله تعالي جي به آهي اهو ڪنهن جي آءِ ٽي جو محتاج ناهي، مون کي انهي عدالت ۾ حاضري جو کٽڪو رهندو آهي، هن چيو ته ملڪ سازشن ۽ تماشن جو شڪار ٿي گھڻي قيمت ادا ڪري چڪو آهي، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته سچ جو جهنڊو بلند ڪيو وڃي. ميان نواز شريف چيو ته آئون هتي انهي جي ڪري پيش ٿيو آهيان جو وزيراعظم سميت سمورا ماڻهو قانون جي آڏو برابر آهن. آئين عوام جي حڪمراني ۽ جمهوريت عوام جي فيصلي جو نالو آهي، هن چيو ته عوام جي فيصلن کي روڙي مخصوص ايجنڊائن تي هلندڙ ڪارخانا بند ٿين گھرجن، اهي بند نه ٿيا ته جمهوريت ۽ آئين ئي نه پر ملڪ جي سلامتي به خطري ۾ پئجي ويندي، اسان هن جي آءِ ٽي ۽ عدالت ۾ سرخرو ٿينداسين، هن چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ عوام جي جي آءِ ٽي اسان جي حق ۾ فيصلو ڪندي،هن چيو ته تاريخ جو ڦيٿو پويان موڙڻ نه ڏينداسين، اهو زمانو ويو جڏهن سڀ ڪجهه پردن جي پويان لڪايو ويندو هو، هاڻ گڏا گڏي جي راند نه ٿي سگهندي. هن چيو ته آئون گھڻو ڪجھ چوڻ چاهيان ٿو جيڪي جلدي ايندڙ ڏينهن ۾ چوندس مون وٽ چوڻ جي لاءِ ڪافي ڪجهه آهي جيڪو ٻئي موقعي تي چوندس.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *