Friday , March 29 2024

واپڊا حب پمپنگ اسٽيشن جي بجلي ڪاٽي ڇڏي، ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ وڌي وئي

 

  hub dam 1

واپڊا حب ڊيم مان ڪراچي کي پاڻيءَ جي فراهمي گهٽائي ڇڏي آهي جنهن سبب ضلعي اولهه سميت شهر جي مختلف علائقن  ۾ پاڻيءَ جو بحران پيدا ٿي ويو آهي، واٽر بورڊ جي ترجمان چيو آهي ته ادائيگي ڪرڻ باوجود واپڊا بقايائون ڄاڻائي پاڻي جي فراهمي 100 ملين گيلن مان گهٽائي  40 ملين گيلن ڪري ڇڏي آهي.

واٽر بورڊ جي ترجمان چيو ته واپڊا  3 اپريل تي حب ڊيم جا گيٽ بند ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سبب واٽر بورڊ کي مقرر ڪيل 100 ملين گيلن بدران صرف 40 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي.

ترجمان جو چوڻ آهي واپڊا پاران  بقايائن جي ادائيگي نه ٿيڻ واري دعويٰ غلط آهي، واپڊا کي قسطن ۾ ادائيگي ڪئي پئي وڃي ۽ فيبروري  ۾ 20 لک رپين جي قسط ادا ڪئي وئي هئي.

hub dam 2hub daM 4

سندس چوڻ هو ته حب ڊيم مان پاڻيءَ جي فراهمي گهٽجڻ سبب شهر جي مختلف علائقن  ۾ پاڻيءَ جو بحران پيدا ٿي ويو آهي، جنهن سبب ضلعي اولهه جا سرجاني، پهاڙ گنج ، قصبا ڪالوني ۽ اورنگي وارا علائقا سخت متاثر ٿيا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *