Wednesday , April 24 2024

واٽر ڪميشن پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال وارن منصوبن جو معائنوشروع ڪري ڇڏيو

ڪراچي (سنڌسماءَچار مانيٽثرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جوڙيل واٽر ڪميشن سڄي سنڌ ۾ هلندڙ ۽ نون ٺهندڙ پيئڻ جي پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ گندي پاڻي جي منصوبن جو معائنو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي موجود واٽربورڊ جا عملدارن ۽ ملازم پاڻي جو فارمولو به ٻڌائي نه سگهيا. واٽر ڪميشن جي چئيرمين رٽائر جسٽس اميرهاني مسلم چيو ته دوري جي وڊيو ۽ تصوير جو بندوبست ڪميشن پاڻ ڪندي سرڪاري وڊيو ۽ تصوير درست نه هونديون آهن، واٽر ڪميشن چيف سيڪريٽري کي به هدايت ڪئي آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي گهٽ/ٿوري مدي جي منصوبن جا تفيصل پيش ڪيا وڃن. واٽر ڪميشن پيلڪ هيلٿ ڊپارٽمنٽ جي اسيڪمين جا به تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.ڪميشن واٽر بورڊ جي غير فعال اسڪيمن ۽ جاري فنڊ جي به تفيصل طلب ڪندي اجلاس 25 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

شهاب اوستو        جسٽس (ر)اميرمسلم هاني

سپريم ڪورٽ جي رٽائر جسٽس اميرمسلم هاني جي سربراهي ۾ سنڌ ۾ صاف پيئڻ جي پاڻي ۽ نيڪال جي لاءِ جوڙيل واٽرڪميشن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ، صحت کاتي جي سيڪريٽري، آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ سميت ٻيا پيش ٿيا. درخواست گذار شهاب اوستو چيو ته صوبي ۾ پاڻي جي حوالي سان 2300 اسڪيمون ٺاهيون ويون آهن، جنهن ۾ 539 فعال نه آهن. 4.59 ارب رپيا ان اسڪيمن جي لاءِ رکيا ويا. شهاب اوستو چيو ته 70 ڪروڙ خرچ ڪيا ويا. جڏهن ته 40 ڪروڙ تازو جاري ڪيا ويا، پر 70 سيڪڙو پاڻي جو معاملو حل نه ٿيو. واٽر ڪميشن جي چيئرمين (ر) جسٽس اميرهاني مسلم چيو ته مان سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرڻ جي لاءِ آيو آهيان. ايڊووڪيٽ جنرل صاحب ٻن ڏينهن جو وقت ڏئي رهيو آهيان. هن چيو ته منهنجو ڪم مانيٽرنگ ڪرڻ نه آهي مان مهلت ڏئي رهيو آهيان. واٽر ڪميشن جي چيئرمين اميرهاني مسلم چيو ته هي ٻڌايو ته اسڪيمين کي مڪمل نه ڪرڻ ۽ ڪرپشن جي ذميواري ڪنهن جي آهي. اوهان ذميوارن جو تعين ڪندا. ٻڌايو وڃي ته سنڌ سرڪار ڊگهي  مدي ۽ گهٽ مدي جي لاءِ چا پلاننگ ڪري رهي آهي. مون وٽ ٻه آپشن آهن، توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي يا معاملو نئب کي موڪليو وڃي. هن چيو ته مون کي سمورا اختيار مليا آهن. مون کي ڪم تي يقين آهي، ڪميشن جي سربراهه چيو ته 25 اسڪيميون تيار آهن پر هڪ به فعال نه آهي. سيڪريٽري پبلڪ چيو ته چيف انجينئر جي ذميواري آهي.

امير مسلم هاني چيو ته پوءِ اوهان جي ڇا ذميواري آهي. رولز پڙهو لاپرواهي جي ذميواري سيڪريٽري تي هوندي آهي. سيڪريٽري پيلڪ هيلٿ انجينئرنگ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته 800 اسڪيميون غير فعال آهن. درخواست گذار شهاب اوستو چيو ته سنڌ ۾ 25 فلٽر پلانٽس تيار آهن مگر هلي نه رهيا آهن. هي معاملو نئب کي موڪليو وڃي. بدين، ٽنڊو محمد، نوشهروفيروز ۽ بينظير آباد سميت ٻين علائقي ۾ 25 فلٽر پلانٽس تيار آهن. سنڌ سرڪار کان پڇاڻو ڪيو وڃي ته پاڻي ڇو نٿو ڏنو وڃي. شهاب اوستو چيو ته حيدر آباد ۾ 4 فلٽر پلانٽس ڪم نه ڪري رهيا آهن. شهاب اوستو چيو ته ڪراچي واٽر سيوريج اڄ تائين نه ٻڌايو آهي ته پيئڻ جو پاڻي ۽ نيڪال جو پاڻي ڪهڙي جڳهه کان مڪس ٿي رهيو آهي. هن چيو ته 44 اسپتالن ۾ انسيلپٽرز موجود نه آهن. صاف پاڻي جي معيار جي جاچ ڪرڻ جي لاءِ ليب نه آهي، پلانٽس ڪم ڪن ته اڌ معاملو حل ٿي وڃي. ڪراچي ۾ 46ڪروڙ گيلن روزاني گندو پاڻي سمنڊ ۾ ڇوڙڪيو ويندو آهي. سڄي سنڌ بيمار ٿي وئي آهي .اسان جو مرڻ ۽ جيئڻ سنڌ سان آهي. سيڪريٽرين وٺ 60،60لک جون گاڏيون آهن پر هو وزٽ نٿا ڪن پراڻي زماني انگريز اٺ تي وزٽ ڪندا هئا. شهاب اوستو چيو ته منڇرڍند تباهه ٿي وئي آهي. بيورو ڪريٽس جا ٻار ٻاهر پڙهي رهيا آهن. سيڪريٽري فضل الله پيچوهو چيو ته ڪراچي ۾ هڪ انسيلپٽر جناح ۾ آهي. اميرهاني مسلم چيو ته هڪ انسيلپٽر ڪافي آهي.

اوهان رياست اندر رياست ٺاهي آهي. اسپتال جو گند سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ خطرناڪ آهي. صحت جي سيڪريٽري چيو ته مون کي اسپتالن جي لاءِ هڪ ارب رپين جي ضرورت آهي. پي سي ون تيار ڪرڻ ۾ ٽڪينڪي معاملا آهن. چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته ٽريٽمنٽ پلانٽ ون نه هلائي رهيو آهي. ٽي پي ٽو تي قبضو ٿي ويو آهي. ٽي پي 3 تي مشينري نه آهي. چيف سيڪريٽري اوهان اسان کان دورو ڪرايو. پيلڪ هيلٿ ڊپارٽمنٽ درست ڪم ڪري ته 80 سيڪڙو ڪم ٿي وڃي. چيف سيڪريٽري چيو ته ڪراچي جي لاءِ ڪو به پلان نه آهي. ڪميشن جي سربراهه چيو ته پاڻي اربين رپين جو وڪرو ڪيو ويندو آهي. ڪميشن جي سربراهه چيو ته ان حوالي ايندڙ اجلاس ۾ ڳالهه ڪنداسين. حيرت آهي ته ڊي ايڇ اي جو نيڪال جو نظام به نه آهي. اجلاس جي ٻڌڻي 25 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *