Saturday , April 20 2024

هڪ هفتي دروان خزاني تي 113 ارب رپين جي قرض جو بار

هڪ هفتي دروان خزاني تي 113 ارب رپين جي قرض جو بار

مجموعي طور قرض وڌي 36 کرب 50 ارب رپيا ٿي ويو

ڪراچي(رپورٽر  سنڌسماءَچار) وفاقي حڪومت معاشي مسئلا سڌارڻ ۽ بجيٽ ۾ مدد لاءِ ڊسمبر مهيني جي آخري هڪ هفتي دوران 113 ارب رپيا قرض کڻي قومي خزاني کي وڌيڪ معاشي بار هيٺ دٻائي ڇڏيو آهي، مجموعي طور تي اهو قرض وڌي 36 کرب 50 ارب رپيا ٿي ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن جي جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو آهي ته، وفاقي حڪومت بجيٽ کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ ڊسمبر جي پهرين هڪ هفتي ۾ 113 ارب رپيا قرض ورتو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، پهرين ڇهن مهينن دوران آمدني جي مقرر ڪيل ٽارگيٽ کان گهٽ آمدني ٿيڻ سبب معاشي صورتحال تي ضابطي ۽ بجيٽ کي مدد ڏيڻ خاطر قرضو ورتو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، انگن اکرن مطابق 31 جولاءِ 2018 کان 4 جنوري 2019 تائين حڪومت بجيٽ کي سهارو ڏيڻ لاءِ مجموعي طور تي 8 سئو 35 ارب 70 ڪروڙ رپيا قرض ورتو آهي، اُهو ساڳيو قرض گذريل مالي سال جي پهرين ڇهن مهينن دوران اهڙو قرض 3 سئو53 ارب 40 ڪروڙ رپيا هئو، ان مناسبت سان موجوده حڪومت 136 سيڪڙو وڌيڪ قرض ورتو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽ مطابق حڪومت وڌ کان وڌ دارومدار اسٽيٽ بئنڪ کان قرض وٺڻ تي آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو هن وقت تائين اهو قرض وڌي 36 کرب 50 ارب رپيا ٿي ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *